ڪاڪڙيءَ جو قلعو

ڪاڪڙيءَ جو قلعو: ڪاڪڙي هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. جيتوڻيڪ، تاريخ ۾ هن پرڳڻي جو ڪو خاص ذڪر نٿو ملي، پر ڪِن روايتن موجب هن پرڳڻي ۾ هڪ قلعو هوندو هو، جنھن کي پڻ ’ڪاڪڙيءَ جو قلعو‘ چيو ويندو هو. قلعي بابت ’تاريخ معصومي‘ ۾ ڪجهہ حوالا موجود آهن، جن مطابق هي قلعو گنبٽ جي ڀرپاسي، سيٺارجا بالا ۽ پير ڪٽپر جي قبرستان جي آسپاس ۾ آهي. پير ڪٽپر جي نالي سان اهو چئي سگهجي ٿو تہ هي اصل ۾ ’گنج شھيدان مرد ڪٽپر‘ جي نالي سان انهن شھيدن جو مقام هوندو هو، جيڪي مغلن سان وڙهندي مارجي ويا، بعد ۾ ان تي پير ڪٽپر جو نالو پئجي ويو هجي. هيءُ قلعو مزاحمت جو اُهڃاڻ بہ رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو مغلن سان سھتن-مڱڻيجن جيڪي جنگيون وڙهيون، سي هن قلعي مان ويھي وڙهيون هيون. 1577ع واري جنگ، ساهتيءَ جي تاريخ ۾ وڏي لڙائي چئي سگهجي ٿي، جنھن ۾ سھتن ۽ مڱڻيجن پنھنجا هزارين ڪونڌر قربان ڪيا پر دشمن اڳيان آڻ نہ مڃي. ٺيڪ ٻئي سال 1578ع ۾ مغلن ڌاريجن جي علائقي تي ڪاھہ ڪري انهن جا سوين ڳوٺ برباد ڪري ڇڏيا. هيءُ قلعو هاڻي ماضيءَ جو ورق بڻجي زبون حال ٿي چُڪو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو