ڪبوتر

ڪبوتر

ڪبوتر

ڪبوتر (پکي): انگريزي ۾ ڪبوتر کي Pigeon چئجي ٿو. ڪولمبيڊي (Columbidae) خاندان سان تعلق رکندڙ هي پکي (حياتياتي نالو: Columba livia) انسان پاران پاليل پھريون پکي سمجهيو وڃي ٿو، ان ڳالھہ جو اندازو 4500 ق. م. کان ميسوپوٽيميائي تھذيب اندر مجسمن، سڪن ۽ تصويرن تي چٽيل ڪبوترن جي نقشن/عڪسن مان لڳائي سگهجي ٿو. مصري تھذيب دوران ڪبوتر جي پالنا کاڌي/گوشت لاءِ بہ ڪئي ويندي هئي. هن پکيءَ کي (پيغام رسائيندڙ) جي حيثيت سان بہ هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي. تنھن ڪري ڪيترائي اهڙا لوڪ گيت بہ ملن ٿا، جن ۾ ڪبوتر کي پيغام کڻي پھڄائيندڙ بہ سڏيو ويو آهي.موجودہ وقت ۾ اينڊو ڪرينولوجي ۽ جينيات(Genetics) جي شعبن ۾ تجرباتي لحاظ کان ليبارٽري پکيءَ طور ڪتب اچي ٿو. مقامي ڪبوترن جو نسبي سلسلو فاختہ (Dove) سان ملي ٿو، جنھن جي ثابتي گهٽين توڙي گهرن ۾ نظر ايندڙ سفيد، ڳاڙهاڻ مائل سفيد ڪبوترن جي ظاهري ڏيک مان ملي ٿي. سنڌ ۾ مقامي طور نيراڻ مائل سرمئي رنگ جا ڪبوتر بہ عام جام ملن ٿا، جن کي سنڌيءَ ۾ ’پاريھر‘ نالي سان پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. ڪبوتر جي مجموعي زندگي/عمر پنجٽيھه (35) سال جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. هي وڻن، عمارتن ۽ پلين ۾ آکيرا ٺاهيندا آهن. ڪيترائي ماڻهو شوق توڙي معاشي لحاظ کان گهرن ۾ پڻ پاليندا آهن. هي پکي پنھنجي گندگيءَ ڪري بيمارين جي منتقلي جو بہ سبب بڻجي ٿو. مقامي/گهرو ڪبوترن جا ٽي مکيہ قسم آهن: هڪڙو قسم اڏرندڙ، ٻيون نمائشي ۽ ٽيون گوشت جي حاصلات لاءِ پاليل قسم (خاص ڪري پرڏيھي ملڪن ۾). ڪبوتر جو وزن 350 گرام کان ويندي 750 گرام تائين ٿي سگهي ٿو. ڪبوترن ۾ نسلي واڌ ويجهہ جو ڪو خاص وقت مقرر ڪونهي. ڪبوتر جي مادہ هڪ وقت تي ٻہ آنا ڏيندي آهي، جن مان آکيري ۾ ٻچا ڦوڙڻ ۾ 17 کان 19 ڏينھن جو وقت لڳندو آهي


لفظ ڪبوترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو