ڪبوترا

ڪبوترا (قبيلو): هيءُ هڪ لاڏائو قبيلو آهي، جيڪو صدين کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد رهندو پيو اچي. هي اصل ۾ نٽ راج آهن ۽ نٽ ويڌ بہ سڏجن ٿا. نٽ جي معنيٰ ناچ آهي. بانس واري راند هن قبيلي جي سڃاڻپ آهي، انهيءَ بانس واري راند جي ڪري ئي هنن تي ’ڪبوترا‘ نالو پيو. هن قبيلي جا مرد ماڻهو لٺ واري ويڙھہ جا وڏا ڪاريگر سڏيا ويندا هئا. اهي نٽ راج ڪبوترا ۽ ڪبوتريون راجائن ۽ مھاراجائن جي درٻارن ۾ ڪرتب ڏيکاريندا هئا. درٻاري دؤر پورو ٿيڻ سان هن قبيلي جي دربدريءَ وارو دؤر شروع ٿيو ۽ پوءِ لاڏائن جي صورت ۾ پيا گهمندا هئا. ڪنھن وڏي ڪنھن ڳوٺ ويجهو ڪو ميدان ڏسي اتي ئي لڏو لاهيندا هئا، پوءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ بانس واري راند ڪري، پنھنجو گذر سفر پيا ڪندا هئا. آهستي آهستي جڏهن آبادي وڌي ۽ غير آباد زمينون آباد ٿيون ته، ڪبوترن بہ لڏا کڻڻ ڇڏيا ۽ وڃي مختلف ڳوٺن ويجهو پکا هڻي ٿانيڪا ٿي ويٺا. مٿان وري ميلن ۾ سرڪس لڳڻ جو رواج پيو تہ هن قبيلي جي بانس واري راند بہ بيھي رهي، جنھن بعد انهن پنڻ شروع ڪيو. هي قبيلو جنھن بہ جاءِ تي پکا هڻندو هو، ان کي ’پيڙو‘ (ڪبوترن جو ڳوٺ) چئبو هو. سنڌ ۾ هن قبيلي جو خاص مڙھہ مقام عمرڪوٽ- ڪنري روڊ تي، رئيس اميد علي خان لاشاري جو ڳوٺ رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪبوترو ڪٿي بہ راھہ رباني وٺي، تہ انهيءَ جي مڙھہ کي گهڻو ڪري هتي ئي اچي مٽيءَ حوالي ڪبو آهي. ان کان علاوہ ساڳئي روڊ تي ’جائرو‘ اسٽاپ وٽ پڻ ڪبوترن جو هڪ ننڍڙو قبرستان موجود آهي. ڪبوترن ۾ صرف هڪڙي نـُک مڙھہ کي ساڙيندي آهي، باقي سڀ دفنائيندا آهن. ڪبوترا قبيلي ۾ پنچائتي نظام آهي. سندن ڪو بہ ڪيس اڄ ڏينھن تائين ڪورٽ ۾ ناهي ويو، بس پنچائت ۽ برادريءَ جا چار چڱا مڙس گڏجي فيصلو ڪندا ۽ ڏوهاري تي ڏوھہ ڏنڊ هڻندا آهن.
هنن جو پيڙو (ڳوٺ)، راما پير تي پيرين پنڌ قافلي جي صورت ۾ ويندو آهي. هي راما پير سان وڏي عقيدت رکن ٿا. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ هنن کي هندو ڪولهين جي هڪ ذات ڪوٺيو ويو آهي.


لفظ ڪبوتراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو