
ڪتو
ڪتو (Dog): ڪتو هڪ پالتو جانور آهي. جنھن کي عربيءَ ۾ ڪلب، فارسيءَ ۾ سگ، هنديءَ ۾ ڪتا ۽ شش پستان چوندا آهن. ڪتي جي ماديءَ کي ڪُتِي چيو ويندو آهي. هن جانور کي انسان جو وفادار سمجهيو ويندو آهي. ڪتو سڀ کان اول انسان جو ساٿي بڻيو. انسان قديم زماني کان ڪتي کي شڪار ۽ چوپائي مال جي حفاظت لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. ڊارون جي خيال موجب مختلف قسمن جا ڪتا بگهڙن جا مختلف قسم آهن، جن کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ۽ جدا جدا وقتن تي پالي، گهريلو بڻايو ويو.اڄڪلھہ گهريلو ڪتي جا ڪيترائي مختلف قسم ٻڌايا وڃن ٿا. ڪولي ڪتا جن کي ريڍار ڪتا ۽ سينٽ برنارڊ ڪتا چيريندڙ ڦاڙيندڙن جانورن جي سڀني قسمن کان وڌيڪ سڌريل ۽ سمجهو ھوندا آھن. اسڪيمو ڪتا بگهڙ کان ٿورو مختلف آهن. ھنن جي شڪل جهنگلي بگهڙن جهڙي هوندي آهي. بگهڙن وانگر سندن ڪن هميشہ کڙا رھندا آھن ۽ انهن جو آواز عام ڪتن واري ڀونڪ وانگر نہ بلڪہ ھوبھو بگهڙن جي اوناڙ وانگر هوندو آهي. جهنگلي ڪتا عام طور تي اوناڙ ڪندا آهن ۽ گهريلو ڪتا گهڻو ڪري ڀونڪندا ۽ ڪنھن مھل اوناڙ بہ ڪندا آهن. اسڪاٽ لينڊ جي ماٿرين، جتي رڍون عام جام پالجن ٿيون، اتي ڪولي ڪتا نھايت ڪمائتا ثابت ٿيا آهن ھو رڍن جي ھر نموني سنڀال ڪن ٿا. سينٽ برنارڊ ڪتا وڏا هوندا آھن. بلڊاگ بہ ڪتي جو قسم آھي تنھن جون ڏاٺون تمام ٿلهيون ۽ مضبوط ھونديون آھن. پيري يا ڳولو ڪتا ايترا آڳاٽا نہ آهن. ڪتي جا سمورا قسم گوشت کائيندڙ جانورن جي نسل مان آهن. سندن خاندان ۾ بگهڙ، لومڙ، گدڙ اچي وڃن ٿا. ھو سڀ ٻين جانورن جي گوشت تي پلجن ٿا پر گهريلو ڪتا ماني وغيرہ تي ئي گذران ڪن ٿا، گهريلو ڪتن کي جيڪڏهن ڪو ھڏو ھٿ اچي تہ ان کي پيا چٽيندا ۽ کائيندا آهن. پالتو ٿيڻ کان پوءِ ڪتي جي طبع ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويو آهي. گهريلو ڪتو انسان جو وفادار جانور رهيو آهي، جنھن جا ڪيترا مثال لوڪ قصن ۽ هاڻوڪي زماني ۾ ملن ٿا.