ڪتي (مھينو): سنڌي سنبت سال جو اٺون مھينو، جيڪو اَسو ۽ ناهري جي وچ ۾ ايندو آهي. هي مھينو 30 ڏينھن جو آهي، جيڪو 15 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين هلي. هن مھيني ۾ ڏينھن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون آهن. ان ڪري چوڻي مشھور آهي تہ: ”ڪَتي گهمندي ڦِرندي لَٿي“. ڏياريءَ جو ڏِڻ بہ هن مھيني ۾ ملهائبو آهي. سنڌ جي طبعي ڀاڱن ۾ آبھوا ۽ پوکيءَ جي سرشتي جي مناسبت سان ڪيترا ئي موسمي ۽ باراني فصل پوکيا وڃن ٿا. ڪتيءَ (خريف) ۾ جوئر، ٻاجهري، چانور، وونئڻ، تِر، مُڱ ۽ موٺ پوکيا ويندا آهن.