ڪتي جي قبر

ڪتي جي قبر

ڪتي جي قبر

ڪتي جي قبر (جابلو چوٽي): هي قمبر کان اولھه طرف 80 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏونڪ، بارغ ۽ ڏاڙهياري جبل جي دنگ تي آهي. هن جي اولھه ۾ هزارين فوٽ هيٺاهين تي ’ڪندي جي گري‘، اتر ۾ ’ڏاڙهياري جا پٽ‘، اوڀر ۾ ’کوڙي وادي‘ ۽ ڏکڻ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي جون چوٽيون بارغ، حرباب، پرپڪي، ڪچرڪ وغيرہ آهن. هن جي چوٽي اوڀر کان اولھه ڇيڙي طرف وڃي ٿي، جنھن تي ڏکڻ ۽ اولھه کان چڙهڻ مشڪل آهي. اوڀر طرف آهستي آهستي هيٺ لھندي سنهڙي ٿيندي وڃي ٿي. چوٽيءَ جي ويڪر لڳ ڀڳ سو فوٽ ٿيندي. ڪُتي جي قبر پٿرن جو ڍير آهي، جنھن جي ڊيگهہ 7 فوٽ، ويڪر 4 فوٽ ۽ اوچائي 3 فوٽ آهي. قبر جو رخ اولھه ۽ اوڀر آهي، هن قبر جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان ٻہ اڀا پٿر نشانيءَ طور بيھاريا ويا آهن. ڪُتي لاءِ مشھور آهي تہ هڪ ماڻهوءَ ڪنھن شخص کان ڪجهہ رقم اُڌاري ورتي ۽ پئسن عيوض وٽس پنھنجو ڪُتو گروي رکيو. هڪ ڀيري ڪُتي جي نئين مالڪ جي گهر رات جو چور آيا، ڪُتي انھن کي ڊوڙائي ڪڍيو. تنھن تي نئين مالڪ خوش ٿي ڪُتي کي ڇڏي ڏنو. ان مھل اڳيون مالڪ رقم کنيو پنھنجو گروي رکيل ڪُتو ڇڏائڻ ٿي آيو، تہ رستي ۾ کيس ڪتو گڏيو. مالڪ سمجهيو تہ ڪُتو قرض ڏيندڙ سان بيوفائي ڪري ڀڄي آيو آهي، تنھن تي هن ڪُتي کي بجو ڏيئي ڪڍيو. جنھن تي ڪُتي کي صدمو رسيو ۽ اتي جو اتي مري ويو. بعد ۾ اصل خبر پوڻ تي ڪُتي جي مالڪ کي بہ گهڻو صدمو رسيو ۽ اتي ڪُتي جي قبر ٺھرايائين. ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ خداداد خان ڪتي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي تہ: ”ٻہ دوست هوندا هئا. هڪ وٽ پيارو ڪتو هو. ٻئي دوست کانئس اهو ڪُتو گهريو. جنھن تي ان دوست کيس ڪُتو ڏئي ڇڏيو. هڪ ڏينھن نئين مالڪ وٽ رات جو چور آيا، جن گهر مان چوري ڪرڻ بعد شيون گهر کان ٻاهر زمين ۾ پوري ڇڏيون. ڪتي اها دفن ٿيل چوري کوٽي ڪڍي نئين مالڪ کي ڏني. مالڪ خوش ٿي، ڪتي جي ڳچيءَ ۾ چٺي ٻڌي کيس ڇڏي ڏنو. رستي ۾ ڪُتي کي اصلي مالڪ مليو. ان ملامت ڪيس، جنھن تي دل ٽٽڻ سبب ڪُتو مري ويو. بعد ۾ ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چٺي کولي پڙهيائين تہ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ڪتي کي اعزاز ڏيندي ۽ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قبر ٺھرايائين. ڪُتي جي قبر واري ٽڪري، سمنڊ جي سطح کان 6880 فوٽ مٿي آهي. هتي اونھاري ۾ گرمي 30 سينٽي گريڊ ۽ سياري ۾ ٿڌ ڪاٽو 2 سينٽي گريڊ رهي ٿي. جون 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ بہ ’ڪتي جي قبر‘ گهمڻ ويو ۽ انهيءَ چوٽيءَ تي پنھنجو نالو لکيو هئائين، جيڪو اڄ بہ موجود آهي.


لفظ ڪتي جي قبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو