ڪتي چاليھو

ڪتي (چاليھو): ڪَتيءَ جي اڀرڻ وارو چاليھو. ڪتيءَ جي فصل يعني سانوڻيءَ جي فصل ڪاهڻ وارو چاليھو، ڪَتي (مھيني) کي ٻج پوکڻ وارو چاليھو بہ سڏيندا آهن. هاڙھہ جو چاليھو پڄندو (پورو ٿيندو) تہ ڪَتي اڀري ٿي. ڪَتي، آکاڙ جي 7 تاريخ تي سرجندي ڏسندا. آرهڙ ۽ آرهاڙ هن چاليھي جا ٻيا نالا آهن. هن ۾ لُڪ ۽ جهولا جهڪا ٿيندا، هوا ٺرڻ ۽ گهٽجڻ شروع ٿيندي، گهُٽ ۽ آگم سان مينھن جي مند جڙڻ جي ابتدا ٿيندي آهي. ڪتيءَ ۾ ’آر‘ (جيت) چيخ ڪندي ۽ تاڙو پکي تنواريندي نظر ايندو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچرهاڻ هيرن کاڻ‘ (جلد پنجين) ۾ لکيو آهي: ”اڳ جڏهن هن چاليھي دوران درياھہ ۾ چاڙھہ ٿيندو هو تہ واھہ ڪڙيا وهندا هئا ۽ ڪتيءَ جا هر شروع ٿيندا هئا. (هاڻي بئراج واهن تي ڪتي جو وونئڻن وارو فصل ڏکڻ سنڌ ۾ مارچ کان شروع ٿئي ٿو). ڪتي، جي آخر تائين سڱر پڪو ٿي ڇڻندو، پھريائين پلڙا/پاپڙا ڇڻندا، سڱر جو مَڃر، پوءِ ليڙ، پوءِ ڪچو سڱر ۽ پوءِ سڱر پڪو ٿي ڇڻيو تہ ڪتي يا آرهاڙ جو چاليھو ڀڳو يعني پورو ٿيو. هاڙھہ وارو چاليھو (چاليھن ڏينھن جو) 20 مئي کان 5 جولاءِ تائين ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو