ڪتي ڪتيون

ڪتي/ڪتيون (نکٽ): ڪَتي، تارن جو هڪ جُهڳٽو آهي. ڪتيون هونئن تہ آفاقي آهن، پر سنڌ ۾ موسم جي حوالي سان پنھنجي خاص اهميت رکن ٿيون. ڪَتيءَ جي نکٽ ۾ هڪ تاري بدران تارن جو جهڳٽو هوندو آهي، انهي ڪري ان کي جمع واري صورت ۾ ڪَتيون چئجي ٿو. ڪَتيءَ جي نکٽ ۾ ڪيترائي تارا آهن. ان بابت گهڻن جو چوڻ آهي تہ ست تارا، ڪي چوندا آهن تہ يارهن تارا ۽ ڪن جي چوڻ موجب ٻارهن تارا آهن. رياضيدان البيرونيءَ لکيو آهي تہ ڪتيءَ ۾ ڇھه تارا آهن. ڪتيءَ جي اڀرڻ واري وقت بابت گهڻن جو چوڻ آهي تہ آکاڙ (جون) مھيني ۾ اُڀري ۽ ڪي چون تہ هاڙھہ جي چاليھي ۾ اُڀري ٿي، پر آکاڙ جي مھيني ۽ هاڙھہ جي چاليھي جا ڪي ڏينھن ساڳيا آهن. شاھہ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتين جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو