ڪجائو: اُٺ تي رکيل ڪاٺ جي ڏولي جيڪا ماڻهو جي ويھڻ لاءِ هوندي آهي. ڪاٺ جو وڏو جنڊو اُٺ تي رکي، ان تي ٻنهي پاسن کان ٻہ ٻہ اُڀيون ڪاٺيون ٻڌي، پاسن توڙي مٿان ڪپڙو ڏنو ويندو آهي. جيئن ڇانو سان گڏ پرديداري بہ ٿئي. جنڊي جي ٻنهي پاسي ماڻهو ويھندا آهن. ٿر ۾ جڏهن اٺن تي ڄڃ ويندي هئي تڏهن گهوٽ لاءِ ڪجائو سينگاري تيار ڪيو ويندو هو.