ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن: ڪراچيءَ جي واپارين 1902ع ۾ پنھنجي الڳ تنظيم ’ڪراچي نيٽِوِ مرچنٽس ايسوسيئيشن‘ (Karachi Native Merchants Association) جي نالي سان قائم ڪئي. بعد ۾ ان جو نالو بدلائي’ڪراچي اينڊ مرچنٽس ايسوسيئيشن‘ رکيو ويو. سن 1913ع ۾ هن ايسوسيئيشن کي، ڪراچي ميونسپالٽيءَ لاءِ ٻہ عيوضي چونڊڻ جو حق مليو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ نمائندگي نہ هئڻ ڪري، واپارين کي ڏکيائي ٿي رهي هئي. ايسوسيئيشن جي ڪوششن سان 1925ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ سڌارا آندا ويا، جنھن ڪري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي مڪاني واپارين جا عيوضي اچي سگهيا. ساڳيءَ طرح انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن تي ٻہ عيوضي چونڊي موڪلڻ جو حق مليو، انهن ٻنهي ادارن کانسواءِ نارٿ ويسٽرن ائڊوائزري ڪاميٽي، انڊين سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي، سنڌ ڪاٽن ڪاميٽي، لائڊ يراج ائڊوائزري ڪاميٽيءَ تي عيوضي چونڊي موڪليا ويندا هئا. سنڌ ليجسليٽِو اسيمبلي وجود ۾ آئي تہ انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن ۽ بايرس ۽ شپرس ايسوسيئيشن کي گڏيل طور سنڌ اسيمبليءَ لاءِ هڪ عيوضي چونڊي موڪلڻ جو حق مليو.
1934ع ۾ ايسوسيئيشن پنھنجي لاءِ جدا آفيس جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو، جنھن جي پيڙھہ جو پٿر 8 جولاءِ 1934ع تي مھاتما گانڌيءَ رکيو. اڏاوت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 1936ع ۾ عمارت جو افتتاح ايسوسيئيشن جي تڏهوڪي صدر سيٺ شورتن موهاٽا ڪيو. اها جاءِ پراڻن گدامن جي جاءِ تي اڏي ويئي آهي