
ڪراچي بندر

ڪراچي بندر
ڪراچي بندر: هيءُ بندرگاھہ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ مصروف ترين بندرگاھہ آهي، جتي سالياني 2.5 ڪروڙ ٽن سامان جو واپار ٿيندو آهي. پاڪستان جي ڪُل تجارت جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ڪراچي بندر جي وسيلي ئي عمل ۾ اچي ٿو. هي بندر، ڪراچي شھر ۾ ڪياماڙي ۽ صدر جي علائقن جي وچ تي واقع آهي. جاگرافيائي لحاظ کان هي قدرتي اهم ايم آبي رستن مثلاً هر مز لنگهہ جي بالڪل ويجهو واقع آهي. هن بندر جو انتظام هڪ وفاقي اداري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ذمي آهي. اهو ادارو اڻويھين صدي ۾ سنڌ حڪومت پاران برطانوي دؤر حڪومت ۾ قائم ڪيو ويو هو.
سنڌو ماٿري کان سواءِ هندوڪش ۽ افغانستان کي بہ هن بندر وسيلي سامان پھچايو ويندو هو. ڪراچي بندر بيھڪ توڙي سنڌ جي تاريخ جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي.
ٽالپر حڪمران ڪراچي بندر ۽ منھوڙي ٻيٽ جي جنگي اهميت کان باخبر هئا. ڪراچي بندر سمنڊ ۽ سنڌو درياھہ جي وچ ۾ آمد رفت لاءِ ڪارآمد هو. اليگزينڊر برنس لکي ٿو: ”ميرن جون اتي سؤ کن ٻيڙيون يا سامونڊي جھاز هوندا هئا. وڏا ٻيڙا ڪراچيءَ کان مسقط، بمبئي ۽ مالابار ويندا هئا.“ ٽي- جي ڪارليس ڪراچي بندر جو ذڪر ڪندي 1838ع ۾ لکيو آهي: ”بندر تي ڪراچيءَ جا اٽڪل پنجاھہ ٻيڙا آهن، جن تي ٽيھه ٽن وزن کڻي سگهجي ٿو. بمبئي، ڪڇ، گجرات ۽ مالابار جي ساحلن کان اٽڪل هڪ سؤ ٻيڙيون هر سال اچن ٿيون ۽ ڪجهہ ٻيڙيون مسقط کان پڻ اچن ٿيون.“
چارلس ميسن موجب: ”ڪراچي بندر ۾ 100 جھاز هر قسم ۽ وزن جا اچي سگهن ٿا، جن مان ڪجهہ مڪاني آهن ۽ ڪجهہ يمن ۽ بمبئي، ڪلڪتي کان سواءِ گوادر ۽ مسقط جا آهن.
ڪراچي بندر تي واپار جي ڪافي ڏيتي ليتي ٿيندي هئي. ٽالپرن جي دؤر ۾ ئي هينري پاٽنجر ڪراچي بندر تان اوڳاڙجندڙ ٽئڪس 99000 رپيا ساليانو ڄاڻايو آهي. ڪيپٽن هارٽ 1840ع ڌاري ڪراچي بندر ۽ ان مان ملندڙ ٽئڪس جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”بندر تي اندازن 2500 ٽنن جون ٻيڙيون اچن ٿيون. مھاڻن جون ٻيڙيون 100 کن آهن. ان مان اٽڪل هر سال 12000 ٽئڪس ملي ٿو. وڏن جهازن جو انگ پنجاھہ کان هڪ سؤ پنجويھه ٿيندو.“
مشھور ليکڪ ڪيپٽن ٽي پوسٽنس 41-1840ع ۾ ڪراچي بندر وٽ سمنڊ جي صورتحال بيان ڪندي لکي ٿو: ”سنڌ جا ساحل ڏکڻ- اولھه چوماسي ۾ چئن مھينن يعني مئي کان سيپٽمبر تائين خطرناڪ آهن. هندي وڏي سمنڊ جو سڄو زور ان تي هوندو آهي. هي مڪاني ٻيڙين ۽ ٻين سڀني لاءِ خطرناڪ ۽ پھچڻ لائق نہ هوندو آهي.
ڪراچي بندر جي اهميت محسوس ڪندي، برطانيا سرڪار مختلف دورن ۾ پنھنجا ماڻهو موڪليا، جيڪي بندر جي فوجي اهميت ڏسڻ کان سواءِ انھن جون ماپون ۽ حملي جا گهٽ گهيڙ معلوم ڪري واپس ويا. ڪپتان ڪارليس 38-1837ع ۾ يارهن ٻيا ماهر ساڻ ڪري ’پالينيورس‘ جھاز ذريعي ڪراچي پھتو. اتي ٽي مھينا کن رهي ڪراچي بندر جي منھن جي ماپ ڪرڻ کان سواءِ سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي ڪيفيت ۽ ڪنارن جي جاچ پڙتال بعد هڪ مڪمل رپورٽ تيار ڪري پنھنجي حڪومت حوالي ڪئي.
ڊاڪٽر رچرڊ هارٽيلي ڪينيڊي بہ ڪراچيءَ جي اهميت ۽ ان تي قبضي کي فائديمند هئڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ڪراچي بندر تي قبضو ڪرڻ ان لحاظ کان اهم آهي، جو هي بري توڙي بحري فوج جو مرڪز ٿي سگهي ٿو. هي هنڌ سياسي ۽ واپاري لحاظ کان بہ اهم آهي. ڪراچي فوجي توڙي واپاري خيال کان وچ ايشيا جو رستو آهي.“
انگريزن ڪراچيءَ تي قبضي بعد بندرگاھہ جي ترقي ۽ ان کي جديد بنائڻ جي رٿا رٿي. جنھن تحت چارلس نيپئر 4 نڪاتي پروگرام پيش ڪيو. جنھن ۾ ڪراچي کان ڪياماڙي تائين رستي جي تعميرات ۽ ڪياماڙي ۾ ٻيڙين جي بيھارڻ لاءِ جيٽي جي اڏاوت جو ڪم، تڪڙ ۾ مڪمل ڪيا ويا. جڏهن تہ 1843ع ۾ ڪازوي (پُل) جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو. جيڪو 1847ع ۾ مڪمل ٿيو. 1864ع ۾ نئين پُل تعمير ٿي تہ انهي پراڻي پُل کي مڪمل ختم ڪيو ويو، ان کان پوءِ بندرگاھہ جي وڌيڪ ترقي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين سروي رپورٽون تيار ڪرڻ ۽ انھن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏجاڻيون ۽ بندر جا دورا ٿيندا رهيا. 1861ع ۾ ڪياماڙي گروين (Keamari Groync) جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو مارچ 1963ع ۾ پورو ٿيو، 1861ع ۾ ڪياماڙي کي ڪراچي سان ملائڻ لاءِ لوهي پُل جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو 1965ع ۾ مڪمل ٿيو. اڳتي هلي انهي پُل تي ريلوي لائين وڇائي، بندر کي سڄي هندستان سان ڳنڍيو ويو. بندرگاھہ جي داخل ٿيڻ واري رستي تي پاڻي جي اندر جابلو سلسلي سبب جهازن جي ٽڪرائجڻ جو خطرو هوندو هو، جتي 1851ع ۾ برطانيا جو جھاز مسافرن ۽ عملي سميت تباھہ ٿيو هو. ان ٽڪري کي بعد ۾ ڪٽي برابر ڪيو ويو. پھرين نومبر 1870ع تي سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر بريڪ واٽر جي اڏاوت جي منصوبي لاءِ پيڙھہ جو پٿر رکيو، جيڪو 1500 فوٽن جي ڊيگهہ ۾ 1874ع ۾ ٺھي راس ٿيو. 1870ع ۾ ڪمشنر بندرگاھہ جي ترقي لاءِ ڪراچي هاربر ورڪس نالي ادارو قائم ڪيو، جنھن کي 1880ع ۾ هاربر بورڊ ۾ تبديل ڪيو ويو. انهي اداري جو پھريون صدر ڪراچي جو ان وقت جو ڪليڪٽر مسٽر بولٽن هو ۽ ڪيترائي انجنيئر ان جا ميمبر هئا. 1887ع تائين ڪراچي جا ڪليڪٽر، بورڊ جا صدر ٿيندا رهيا. 24 سيپٽمبر 1880ع تي وائسراءِ هند لارڊ رپن ڪياماڙي ۾ پھرين گودي جي پيڙھہ جو پٿر رکيو، جنھن جي اڏاوت 1882ع ۾ مڪمل ٿي. ان گودي جو نالو سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر جي نسبت سان ’ميري ويدر برٿ‘ رکيو ويو. 1886ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڪٽ نمبر 6 مجريا 1886ع پاس ڪيو، جنھن تحت بورڊ کي ختم ڪري ”ڪراچي پورٽ ٽرسٽ“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان ڪري شھرين ۽ واپارين جو، انتظام ۽ ٽيڪس جي حوالي سان سنئون سڌو تعلق جڙيو. شروع ۾ ٽرسٽ جي ميمبرن جو تعداد 9 هوندو هو، جن مان پنج حڪومت طرفان مقرر ڪيا ويندا هئا، جن ۾ ڪراچي جو ڪليڪٽر بہ صدر جي حيثيت ۾ شامل هوندو هو. باقي چئن جو تعلق چيمبر آف ڪامرس ۽ ڪراچي ميونسپالٽي سان هوندو هو. جن جي مدت ٻن سالن جي هوندي هئي. ان وقت بندرگاھہ جي آمدني جو ذريعو ڏيھي توڙي پرڏيھي جهازن کان وصول ٿيندڙ ٽئڪس ۽ چنگي هو. آمدني جا انگ اکر سال ۾ ٻہ ڀيرا حڪومت کي موڪليا ويندا هئا. 1885ع کان 1895ع تائين واري دور ۾ پورٽ ٽرسٽ پاران ٻہ وڌيڪ برٿ تعمير ڪرايا ويا. بندر کي واپاري حوالي سان منظم ڪرڻ سان گڏ دفاعي حوالي سان پڻ مضبوط ڪيو ويو.
1900ع ۾ ڪراچي بندر، اوڀر جو سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ گهرائيندڙ، جديد ۽ مصروف بندرگاھہ بڻجي چڪو هو. ترقي سبب دفاعي حوالي سان اهميت وڌڻ لڳي هئي، جنھن ڪري هن بندر کي وڌيڪ ترقي وٺرائي وئي. 1914ع ۾ پھرين مھاڀاري جنگ ۾ اتحادي فوجين ۽ جنگي سامان کي ٻين محاذن تائين پھچائڻ لاءِ هن بندرگاھہ کي استعمال ڪيو ويو. 1901ع ۾ سمنڊ جي تري مان مٽي صاف ڪرڻ لاءِ صفائي وارا جھاز گهرايا ويا. جهازن جي مرمت لاءِ هڪ گودي جي اڏاوت ڪئي وئي. 1907ع ۾ ’جائلز‘ نالي گودي مڪمل ٿي، جنھن ۾ ٽي برٿ قائم ڪيا ويا. 1908ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ينگ هسبنڊ نالي گوديءَ جو منصوبو شروع ڪيو ويو. جيڪو 1910ع ۾ مڪمل ٿيو. جنھن ۾ چار برٿ قائم ڪيا ويا. ان ئي سال ميري ويدر ۽ ارسڪين وهارف جي نئين سر اڏاوت ٿي ۽ ميري ويدر برٿ کي ’ميري ويدر وهارف‘ جو نالو ڏنو ويو، جنھن ۾ بہ چار برٿ هئا. اهڙي طرح 1910ع تائين ڪراچي بندر تي برٿ ڪُل 17 ٿي ويا. جن تي ريلوي لائين ۽ 90 جديد ڪرينن جي بہ سھولت هئي. 1909ع ۾ ‘Bulk Oil Pier’ جي اڏاوت جو ڪم مڪمل ٿيو. جنھن کي هڪ پائيپ وسيلي برما شيل آئل ڪمپني ۽ اسٽينڊر آئل ڪمپني جي آئل ٽئنڪر سان ملايو ويو. ان ئي سال بندرگاھہ لاءِ وڌيڪ 177 ايڪڙ زمين خريد ڪئي وئي. بندرگاھہ کان 80 ميلن تائين ڏيکائي ڏيندڙ لائيٽ هائوس جو پڻ انتظام ڪيو ويو. 1911ع ۾ ڪياماڙي ۽ منھوڙي جي وچ ۾ اچ وڃ جي سھولت لاءِ بوٽ بيسن ٺاهيو ويو.
ٻي مھاڀاري جنگ دوران بندرگاھہ کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو. سيپٽمبر 1920ع ۾ بندرگاھہ کي وڌيڪ جديد بنائڻ لاءِ منصوبو پيش ڪيو ويو. جنھن تحت بندرگاھہ جي اولھه طرف گودين جي اڏاوت ڪئي وئي. گڏوگڏ ريلوي لائين ۽ رستن جي اڏاوت مڪمل ڪئي وئي. 1927ع تائين چار نوان برٿ اڏيا ويا. 1936ع تائين وڌيڪ 200 ايڪڙ زمين خريد ڪئي وئي ۽ ان ئي سال ايسٽ وهارف واري علائقي ۾ هلندڙ ٻاڦ وارين ڪرينن جي جڳھه تي بجلي تي هلندڙ ڪرينون لڳايون ويون. 1942ع ۾ 30 ٽن وزن کڻندڙ ۽ پاڻي تي ترندڙ ڪرين لاڳو ڪئي وئي. جنھن کي ’پھلوان 2‘ جو نالو ڏنو ويو. 1944ع ۾ 60 ٽن وزن کڻندڙ ڪرين آمريڪا مان گهرائي وئي، جنھن کي ”ڪنگ ڪانگ“ جو نالو ڏنو ويو.
1943ع ۾ 900 فوٽ ڊگهو برٿ اڏيو ويو، جنھن جهازن جي گهڻائي کي منھن ڏيڻ لاءِ سھولت پيدا ڪئي. پوري ايسٽ وهارف کي هڪ پڪي رستي سان ملايو ويو، جنھن ذريعي ٽرڪون برٿن تائين اچڻ لڳيون. جنھن بعد جهازن جي مرمت لاءِ برٿ پڻ تعمير ٿيا، جن ۾ وقت بہ وقت واڌ ٿيندي رهي.
پاڪستان جي قيام وقت ڪراچي بندرگاھہ ۾ 28 ملين مئٽرڪ ٽن سامان سنڀالڻ جي گنجائش موجود هئي. هن وقت بندرگاھہ ۾ هڪ ريزرو ٽودي ’اسٽيمر وهارف‘ (Steamer Whorf) جي نالي سان موجود آهي. جنھن کي گهڻن جهازن جي اچڻ جي صورت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ورهاڱي وقت بندرگاھہ جون 18 گوديون هيون، مڪاني ماهيگيرن جي جهازن ۽ ٻيڙين لاءِ بندرگاھہ جي اتر اوڀر پاسي هڪ ويڪرو وهارف پراڻي بندر (جهونا بندر) نالي سان موجود آهي. جنھن جي پليٽ فارم جي ڊيگهہ 2000 فوٽ آهي. ڪياماڙي جي يارڊ جا 12 ڇپرا آهن، جن ۾ لھندڙ سامان رکيو ويندو آهي. بندرگاھہ ۾ هن وقت 20 کان وڌيڪ گشتي ڪرينون آهن. ڪراچي بندرگاھہ روزگار جو وڏو ذريعو آهي، 70ع واري ڏهاڪي ۾ اسٽيل مل جي ڪري، هن بندر جي ويجهو هڪ ٻيو بندر ’بن قاسم‘ پورٽ نالي سان جوڙيو ويو، جيڪو پڻ جديد بندر آهي ۽ موجودہ وقت ۾ گهڻو فعال آهي.