ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ: چارلس مولس جي چيئرمينيءَ جي دور ۾ سندس ڪوششن سان 1912ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي مرڪزي آفيس جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو، جنھن جو نقشو برطانيا جي مشھور آرڪيٽيڪٽ مسٽر جارج ويليٽ (George Willet) ٺاهيو. 5 جنوري 1916ع تي بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ولنگٽن ان جو افتتاح ڪيو. عمارت تي 974990 روپيا لاڳت آئي. هن عمارت ۾ 15 جنوري 1916ع تي ڪراچي پورٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي پھرين ۽ مجموعي طور 1506 هين گڏجاڻي ٿي. هڪ مھيني کان پوءِ مھاڀاري لڙائيءَ ڪري، بلڊنگ کي انڊين جنرل هاسپٽل مرڪزي حڪومت، جنگ ۾ زخمين جي علاج لاءِ 500 بسترن جي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ۽ 6 مئي 1919ع تائين هتي زخمين جو علاج ٿيندو رهيو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ عمارت کي ٻيھر پورٽ انتظاميہ جي حوالي ڪيو ويو. هيءَ عمارت لڳ ڀڳ 1400 چورس ميٽرن تي مشتمل ۽ ان وقت جي امپريل ڪسٽم هائوس سان گڏوگڏ آهي. عمارت جي مھاڙي جئپور مان آندل پٿر مان تمام سھڻن ٺھيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو