ڪراڙو ڪوٽ: ضلعي خيرپور تعلقي ڪوٽڏجيءَ ۾، ڪوٽڏجيءَ جي چوطرف ٽڪرن تي اوائلي پٿر واري دور جا ڪيترائي قديم اهڃاڻ لڌا ويا آهن. هتي ڪيترين غارن ۾ پٿر جي شروعاتي، وچين ۽ آخري دور جا وڍ ڪٽ ۽ شڪار لاءِ ڪتب ايندڙ اوزار بہ لڀن ٿا.انهن پھاڙن جي ڪڇ ۾ هڪ اهڙيءَ وستيءَ جا آثار بہ هٿ آيا آهن، جيڪي ڪوٽ ڏجي جي قديم تھذيب کان بہ اڳ جا لڳن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪوٽ ڏجي جي آس پاس قدم قدم تي انساني ارتقائي دور جا نشان موجود آهن. ڪوٽ ڏجي قلعي جي ڀرسان تاريخ کان پنج هزار سال پراڻا آثار 57-1955ع ڌاري کوٽي هٿ ڪيا ويا هئا. هي کنڊرات ڊيگهہ ۾ ڇھه سؤ فوٽ ويڪر ۾ چار سؤ فوٽ ۽ زمين کان چاليھه فٽ کن بلنديءَ تي آهن. کنڊرات مکيہ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪ ڪوٽ جي بلند ديوار ۽ ٻيو هيٺائون شھر.کنڊر مان نروار ٿيل جاين جا بنياد پٿرن جا آهن. بنيادن جي ويڪر پنجن فوٽن تائين آهي، جن تي سرن جي اوساري ٿيل آهي. جڳھن جي ڇتين تي گاھہ جي تيلن مٿان مٽيءَ جي گاري جو ليپو ڏنل آهي.
ڪوٽڏجيءَ جي آثارن ۾ لڪيل ڪراڙو ڪوٽ دنيا جي پراڻن ڪوٽن مان آهي. خاص ڪري اهو ننڍي کنڊ جي قديم ڪوٽن جو سرواڻ آهي. ڪوٽ جي ٿلهي اڏاوت ۽ مضبوطي ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ ان کي اڏيندڙ بہ گهڻو سڌريل هوندا. ڪوٽ هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي. ان جا بنياد چن جي اڻ گهڙيل پٿرن جا آهن، جن تي اهو مضبوط سِرُن جو ڪوٽ اڏيو ويو آهي. ڪوٽ جي اترين ۽ اوڀرين پاسي قطار ۾ وڏا پھڻ مٽيءَ جي گاري سان ملائي هنيا ويا آهن. ان جي اندرين پاسي کان گاري جي ليپائيءَ جا ڪٿي بہ نشان نہ آهن. ڪٿي ڪٿي بنياد وارن پٿرن جي ٻاهرين منھن کي سرن جون درزون ۽ چَپرون هڻي جوڙيو ويو آهي. ڪوٽ جي مضبوطي لاءِ ڪوٽ جي ديوار سان گڏ ٿوري ٿوري پنڌ تي برج جوڙيل آهن. جن تي ٻاهرين پاسي کان سرن جا پشتا هڻي مضبوط ڪيو ويو آهي. برج، هيٺان ڪافي موڪرا ۽ ٿلھا آهن، جيڪي مٿي پھچي سوڙها ٿي وڃن ٿا. برجن جي بلندي ٻارهن کان چوڏهن فوٽ ٿيندي.
ڪوٽ جي اترئين پاسي واري ڀت جو ڪجهہ حصو، هڪ سؤ اٺ فوٽ کن کوٽي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنھن جي سراسري اوچائي ساڍا پنج فوٽ آهي. ڪوٽ جي اندر رهائشي جايون ٻاهرين دفاعي ڀت سان لڳو لڳ آهن. ڪٿي ڪٿي ڪوٽ جي ڀت رهائشي گهرن جي پوئين ڀت جو ڪم ڏئي ٿي. ڪوٽ جي آثارن مان ڪٿان بہ اِها خبر نٿي پوي تہ ڪوٽ جي ڀت تي ڪڏهن ڪو حملو ٿيو هجي يا هن ڪو شھر جو بچاءَ ڪيو هجي.