ڪرتار سنگهہ عرش

ڪرتار سنگهہ عرش: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پنجابي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ ڪرتار سنگهہ عرش سکر ۾ ڄائو. هن 1917ع ڌاري سکر مان منشي فاضل جو امتحان پاس ڪيو، ڪرتار سنگهہ پنھنجي والد سان گڏ پنھنجي اباڻي شھر جالنڌر لڏي ويو. جتي 1926ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. هن جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن خلاف ويڙھہ ۾ حصو ورتو، جنھن جو تفصيل هن پنھنجي ڪتاب ’مٽ رهيان پيڙان‘ ۾ ڪيو آهي. جالنڌر جي هڪ پنجابي رسالي ’پريت لڙي‘ ۾ سبط الحسن ضيغم جو مضمون پڙهڻ کان پوءِ ڪرتار سنگهہ کي شاھہ لطيف جي رسالي جي ترجمي جو شوق ٿيو، جنھن کان پوءِ هن شاھہ لطيف تي تحقيق سان گڏ سنڌي ادب جو مطالعو ڪندي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي چئرمين ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جي رهنمائيءَ هيٺ شاھہ لطيف جي رسالي جو منظوم پنجابي ترجمو چئن سالن ۾ مڪمل ڪيائين، جنھن تي نظرثاني ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي ۽ اهو منظوم ترجمو ’شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز‘ پاران 1996ع ۾شايع ٿيو. پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪنھن بہ ٻي ٻوليءَ جي صوفي شاعر جي ڪلام جو هي پھريون منظوم ترجمو آهي


لفظ ڪرتار سنگهہ عرشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو