ڪرشن ’راهي‘

ڪرشن ’راهي‘

ڪرشن راهي

ڪرشن ’راهي‘ (اديب ۽ شاعر): ڪرشن وڇاڻي تخلص ’راهي‘ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ 25 مئي 1932ع تي جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ هو پنھنجن وڏن سان گڏجي ڀارت هليو ويو، جتي هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڀاڀا ائٽمڪ ريسرچ سينٽر بمبئي ۾ ڪم ڪيائين. ڪرشن راهيءَ جي ادبي زندگي ڪھاڻين لکڻ سان شروع ٿي، پر پوءِ هن ڪھاڻين سان گڏ شاعري بہ شروع ڪئي، جنھن ۾ هن چڱو مقام حاصل ڪيو، سندس شعري مجموعي ’ڪماچ‘ تي کيس 1971ع ۾ ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ طرفان انعام ڏنو ويو. هو ’نئين دنيا‘ ۽ هفتيوار سنڌو ڌارا جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ڪجهہ وقت ميمبر رهيو، ۽ چئن سالن تائين سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) بمبئيءَ جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. (1) ’لڙڪ ۽ مـُرڪ‘ (ڪھاڻيون: 1966ع)، (2) ’ڪماچ‘ (شاعري: 1969ع)، (3) ’وسڻ سندا ويس‘ (شاعري: 1987ع)، (4) ’همعصري سنڌي شعر‘ (ارجن شاد سان گڏ، هند ۾ جديد شاعري جي 15 نمائنده شاعرن جو ترتيب ڏنل انتخاب: 1989ع)، (5) ’يانديو‘ (مراٺي ٻوليءَ جي پرشوتم يشونت ديش پانڊي جي ڪتاب جو ترجمو: 1979ع)، (6) ’ورق سڀ وسار‘ (سنڌي شاعري ۽ نثري ادب بابت مضمونن جو مجموعو 2003ع). ’پيھي ويو پڙلاءُ‘ (شاعري: 2009ع). ڪرشن راهي سنڌيءَ جو سجاڳ ۽ باشعور شاعر ٿي گذريو آهي. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن غزل، گيت، نظم، قطعن، رُباعي، بيت، لاڏا، سھرن، لونگين، اوراڻن، ڇيڄ، دوهو، سورٺو، ڪافي وغيرہ تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ ورهاڱي جو درد چٽو نظر اچي ٿو. ڪرشن کي سنڌ ۽ سنڌيت سان وڏي اُنسيت هئي. هو هِند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ’قومي۽ تدريسي زبان‘ بنائڻ واري تحريڪ ۾ ڏاڍو سرگرم رهيو. ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي اتان جي قومي ٻولين واري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ 2 اپريل 1967ع تي ڀارتي پارليامينٽ جي اڳيان جن 52 سنڌي اديبن، سنڌي الف- ب جي 52 اکرن جي علامت بنجي بک هڙتال ڪئي هئي، انھن ۾ ڪرشن بہ شامل هو. هو 2004ع ۾ سنڌ ۾ اديبن جي وفد سان آيو. ڪرشن راهيءَ 6 اپريل 2007ع تي ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.05.25  عيسوي

ڪرشن وڇاڻي تخلص ’راهي‘ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ 25 مئي 1932ع تي جنم ورتو.


2007.04.06  عيسوي

ڪرشن راهيءَ 6 اپريل 2007ع تي ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
محبوب سروري
اياز امر شيخ
بھزاد لکنوي
ڀوپالي محسن
برڪت علي ڪريمي ابڙو پروفيسر
غلام شاھہ لغاري نواب
شير محمد شيرل
الھورايو اُداسي بھڻ
عرض محمد خان لغاري نواب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون