ڪرمتي (ذات): هوت بلوچ جي هڪ شاخ آهي. ڪرمتي ۽ ڪلمتي هڪ ئي ذات آهي. مڪران جي اوڀر واري ڀاڱي ڪلمت واري علائقي ۾ اچي رهڻ سبب ڪلمتي سڏيا ويا. سوين سالن کان سنڌ ۾ رهندي ٻوليءَ جي لھجي جي تبديليءَ جي ڪري سنڌ ۾ ڪرمتي سڏجڻ لڳا. ڪراچيءَ کان 350 ڪلو ميٽر اولھه طرف سامونڊي ڪناري تي ڪلمت هڪ قديم بندرگاھہ بہ رهيو آهي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته، ”ڪرمتي، مڪران ۾ هڪڙي مڪان ’ڪرمت‘ پٺيان ڪرمتي سڏجن ٿا. جتان لڏي اچي هي سنڌ ۾ ويٺا.“ ڪراچي، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن ۾ گهڻا آباد آهن. ڪرمتي ايران ۾ بہ رهن ٿا.
14هين کان 16هين صدي عيسويءَ (10-8 صدي هجري) تائين ڪرمتين جي پنھنجي خودمختيار حڪومت قائم رهي. 16هين صدي عيسويءَ ۾ رياست جي حاڪم حمل خان پٽ جيئند خان سنڌ ۽ ڪلمت تي حملو ڪندڙ پورچوگيزن سان وڏو مقابلو ڪيو هو. ڪرمتين جا ڪي ڪٽنب آڳاٽي دؤر ۾ اُٿل ۽ ڪي منگول نديءَ واري واٽ وٺي لسٻيلي جي علائقن ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ حب نديءَ ڏانھن وڌيا. کارڙي، ڀواني، حب ۽ ٻين هنڌن تي سندن وڏا قبرستان موجود آهن، جيڪي پٿر جي گهاڙ ۽ سھڻي چٽساليءَ جي ڪري اهم آهن. ان زماني ۾ ئي ڪي ڪرمتي ڪراچيءَ جي جابلو ۽ سامونڊي علائقن ۾ اچي آباد ٿيا. ملير، گهگهر، وٽيجي، ساڪري ۽ ٻين علائقن ۾ بہ اچي ويٺا. سمن جي حڪومتي دؤر ۾ ڄام تغلق سمي گجرات تائين سامونڊي علائقي جي سارسنڀال ڪرمتين جي حوالي ڪئي هئي. سنڌ ۾ مغل نوابيءَ واري دؤر ۾ اورنگزيب بادشاھہ بہ 14 رجب 1103 هجريءَ (1691ع) تي ڪرمتين سان معاهدو ڪري، سامونڊي علائقي جي نگهباني سندن حوالي ڪئي هئي. سنڌ ۾ ترخان حڪومتي دؤر جي مشھور ظالم حڪمران مرزا صالح ترخان کي بہ ڪرمتين جي مريد نالي هڪ بھادر شخص، ٺٽي شھر ۾ سندس محل سامھون قتل ڪيو هو. ان کان گهڻو پوءِ ٿيل رتي ڪوٽ واري (قبيلائي) جنگ ۾ ڪرمتين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ٿيا هئا.
لسٻيلي ۽ پوءِ ڪراچي اچڻ واري زماني ۾ سندن ملڪ حاجي بن نوتڪ بن عالي بن عمر بن بجار بن هوت بن جلال خان هو. حاجي کان پوءِ ملڪ براهم (ابراهيم)، ملڪ اسحاق، ملڪ طوطا خان، ملڪ حسن ۽ ٻيا رهيا. ملير ۽ حب وارن ڪرمتين جو ملڪ طوطا خان رهيو. نئِن ٿڌو لڳ چٽساليءَ وارو قبرستان جنھن کي راڌن مَڪن واريون روميون يا گهاڙيون سڏيو وڃي ٿو، اهو ملڪ طوطا خان جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. چوڪنڊي قبرستان ۾ بہ جوکين سان گڏ ڪرمتين جون چٽساليءَ واريون قبرون آهن، مڪليءَ تي ملڪ مزار خان وارو چٽساليءَ سان سجايل قبرستان بہ ڪرمتين جو آهي. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ اچي ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو تڏهن ڪرمتين جوکين، برفتن، بڪڪن ۽ ٻين سان گڏجي 22 مارچ 1839ع تي مٿن حمو ڪري ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انگريزن سان ڪيل آخري دُٻي واري جنگ تائين ڪرمتي ميرن جي فوجن سان ساٿ ۾ رهيا. تنھن کان پوءِ بہ لڪي لڪي انگريزن تي حملا ڪندا رهيا. سائينداد ڪرمتي ان دؤر جو هڪ تاريخي ويڙهاڪ ڪردار رهيو.
سنڌ ۾ گهڻي زماني کان ڪرمتين جي سنڌي ٻولي رهي آهي. البت اوڻھين صدي عيسويءَ جي آخر کان پوءِ جيڪي ڪرمتي بلوچستان کان ڪراچيءَ ۾ آيا اهي بلوچي ڳالهائيندڙ آهن. ڪرمتين جون عورتون چولي بدران گگهو پائينديون آهن. ڪرمتين جا وڏا پاڙا/نکون هي آهن: (1) الھبنداڻي،
(2) احمداڻي، (3) اڱاريا، (4) بابراڻي، (5) بازي، (6) بالوط، (7) بگهياڙ، (8) بلاڻي، (9) ڀئوا، (10) ٻائوٺ/ٻاهوٺ، (11) پيروزاڻي، (12) جامبري، (13) جانوري، (14) جماري، (15) ڇڳاڻي، (16) دبائي جت، (17) رجاري، (18) رجيرا، (19) راڄواڻي، (20)، زنگياڻي، (21) گبول، (22) گُلڙي، (23) گنبا، (24) گنبواڻي، (25) گورائي، (26) ڳورهئي، (27) شولاڻي، (28) کچراڻي، (29) کيراڻي، (30) لٽي، (31) ماروا، (32) مڇڙ، (33) مُرگهر، (34) ماوداڻي، (35) مُنڌرا، (36) مھيري، (37)، مُنڌيئر، (38) ملڪاڻي، (39) نونداڻي، (40) هديھه، (41) ڪپراڻي، (42) ڪشماڻي.