ڪرم خان مري

ڪرم خان مري: ڪرم خان، مري ميرن جي آخري دور ۾ هڪ سورهيه انسان ٿي گذريو آهي، هو شھيد مزار خان مريءَ جو والد هو. سندس پيءَ جو نالو مريد خان ۽ سندس ڏاڏي جو نالو جلال خان هو، جيڪو مستي خان (اول) جو ٽيون نمبر پٽ هو. هن سپھه سالار ننڍي هوندي پنھنجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي ڀاءَ جلال خان (ثاني) کان جنگي مھارت حاصل ڪئي.
ڪرم خان پنھنجي قبيلي جي ٻين بھادر انسانن وانگر ترار هلائڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. 1834ع ڌاري جڏهن مشھور ڦورو ۽ حملا ڪندڙ شاھہ شجاع جي سپھه سالار سمندر خان جي سرواڻيءَ ۾ سنڌي لشڪر کي للڪاريو تہ هن جوان کي جوش جاڳي پيو، هو ٻين مرين سان گڏجي ميدانِ جنگ تي پھتو ۽ کڙري جي جنگ ۾ وڏي دليريءَ سان وڙهيو.
ڪرم خان نھايت دليريءَ سان وڙهيو، هو کرڙيءَ جي جنگ ۾ شھيد نہ ٿيو، پر زخمي حالت ۾ موٽي آيو. کرڙيءَ جي جنگ کان پوءِ ڪرم خان ڪيترو وقت زندھہ رهيو، ان بابت ڪجهہ چئي نٿو سگهجي، نہ وري سندس تدفين جو پورو پتو آهي، پر سندن پوين جو چوڻ آهي تہ ”هو مرشد ’دارھہ شاھہ‘ لڳ ٽنڊو نظر علي جي قبرستان ۾ دفن آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو