
ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻي
ڪرم علي رستماڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻي 10 آڪٽوبر 1966ع تي ڳوٺ غيبي خان رستماڻي، واهي پانڌي، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران علمي ادبي حوالي سان سرگرم رهيو. 1979ع ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ شاگرد ادبي سنگت قائم ڪيائين ۽ 1981ع ۾ ضلعي نوابشاھہ ۾ لطيف سنگت جي تنظيم ڪاري ڪيائين ۽ ان جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بڻيو. ڪرم رستماڻي، هاءِ اسڪول جي تعليم دوران هر سال امتحانن بعد پاس ڪندڙ شاگردن کان گذريل سال وارا ڪتاب وٺي غريب شاگردن ۾ ورهائيندو هو. شاگرديءَ دوران تعليمي بحث مباحثن، تقريرن، ڊرامن ۽ ٻين عملي ۽ ادبي سرگرمين ۾ نھايت سرگرم رهيو. 1983ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين ۽ ضلعي جو قائم مقام صدر ٿيو. ايل. ايم. سي ۾ بہ جساف سان واڳيل رهيو. 1988ع ۾ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل رهيو ۽ 1990ع ۾ نوابشاھہ پي. ايس 20 تان صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوار طور بيٺو. 1993ع ۾ خادمين سنڌ جي پليٽفارم تان قومي اسيمبليءَ جي اميدوار طور فارم ڀريائين، پر پوءِ هٿ کڻي ويو. ڪيترين سماجي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو. ڪرم علي رستماڻي 28 جولاءِ 2025ع تي وفات ڪئي.