ڪرنجڙي ڪوٽ

ڪرنجڙي ڪوٽ: ڪرنجڙي ڪوٽ، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ روھڙي شھر کان ڏکڻ- اوڀر 73 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. دڙي جي صورت ۾ هي ماڳ قلعي جي ڀتين تي مشتمل آھي، جيڪو ڪرنجڙي ڪوٽ ڳوٺ کان 1.8 ڪلوميٽر اتر اولھه ۽ ساجن فقير جي ڳوٺ کان اولھه طرف ڇھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هي ماڳ ريڻي درياھہ جي پراڻي ڦاٽ جي ڪنڌيءَ تي آھي، جيڪو پڪين سرن جي پيڙھه تي ٻڌل آھي. اهي پڪيون سرون چوڌاري ٽڙيل پکڙيل بہ آھن. 100 ميٽرن جي قلعي جي ڏکڻ واري ڀت جا نشان موجود آھن. باقي سمورو ماڳ واريءَ سان ڍڪيل ۽ ٻوٽن سان والاريل آھي. قلعي جي مٿاڇري تي ڀتين جي ماپ 176 ميٽر اوڀر کان اولھه، 110 ميٽر اتر کان ڏکڻ ڪجهه سلامت آھي. مٿاڇري تي ٺڪر جا رانديڪا، جانورن جون مورتيون ۽ ٻيو چڪاسڻ جهڙو ٺڪراٺو موجود آھي. ٺڪراٺي ۾ ٻہ رنگو، سادو، چٽيل ليڪائون کرچيل، اُڪريل ٺڪر ملي ٿو، جنھن ۾ ٿانون جا ڪُنا، ٺپيل ٿانون جا ٽڪر، گول ٿالھيون ۽ بونبين وارا ڍڪڻا ۽ ترا مليا آھن.


لفظ ڪرنجڙي ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو