ڪرهي ڳُجهڙي (ڍورو): هي ڍورو ٿاڻي بولا خان ويجهو هڪ ٽه سطحي بند آهي، هن وقت ڪرهي جو 6 ميٽر حصو وچ مان لڙهي ويو آهي ۽ باقي سڄو سلامت بيٺو آهي. بند جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ هن ۾ ٻن سطحن تي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڳڙکيون آهن. جيئن تہ هيءُ بند ڀڳل آهي، ان ڪري هاڻ استعمال جوڳو نہ رهيو آهي. اصل ۾ هي بند قديم ماڻهن پاڻي روڪڻ لاءِ ٺاهيو هو، جيئن ان جي اوڀر ۾ ڍوري کان ٻاهر واريون زمينون آباد ڪري سگهجن. ان ڪري ڪرهي بند آڳاٽي دور ۾ آبپاشي نظام جو عاليشان مثال آهي.