ڪرهِي (سنگ رکڻ): ٿر ۾ ٻاجهر جي سنگن کي محفوظ رکڻ لاءِ روهيڙي ۽ کٻڙ جي ٽارين کي گولائيءَ ۾ پيالي وانگر زمين ۾ کوڙي ڪرهي ٺاهي ويندي آهي، ڪرهي ۾ هيٺ سڻ يا کپ وغيرہ پکيڙي وجهي، ان تي ٻاجهر جا سنگ رکي مٿان وري کپن جو ڇاڄو ڏنو ويندو آهي. ضرورت وقت سنگ ڪڍي، اهڙي ريت ٻاجهر جي ڪانن کي مال جي چاري جي لاءِ محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪانن جي ڪالر ٺاهي ويندي آهي. ڪالر ۾ ڪانن کي ڪاريگري سان سٿي انهن مٿان کپن يا سڻيءَ جو ڇاڄو ڏنو ويندو آهي. ڪالر کي دن پڻ سڏيو ويندو آهي.