ڪرونڊي

ڪرونڊي: ھي ننڍڙو شھر تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو رکي ٿو. شھر تي نالي پوڻ بابت روايت آھي تہ ميرن جي شروعاتي دور ۾ سڀ کان پھرين ھتي ڪرمان/ ڪرمي نالي ھٿ کان معذور هڪ عورت گهر اڏيو، جنھن کي ھٿ کان معذور ھئڻ ڪري ’ڪرمي رونڊي‘ سڏيو ويندو ھو. جيڪو لفظ اڳتي ھلي ڪرمي رونڊيءَ مان ڦري ’ڪرونڊي‘ ٿيو. ھتي زرعي آباد وارو علائقو هئڻ سبب آبادي ۽ چڱي مارڪيٽ بہ آھي. ھن وقت شھر جي آدمشماري 10 ھزار کان وڌيڪ آھي.


لفظ ڪرونڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو