ڪريلو

ڪريلو

ڪريلو

ڪريلو: ڪريلو گرميءَ جي مند ۾ پوکيو ويندو آهي، جيڪو ڀاڄيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوہ ڪريلو مختلف دوائن ٺاهڻ ۾ بہ ڪم ايندو آهي، هن جي پوک ننڍي کنڊ کان سواءِ فلپائن ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿي، سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ موسم خشڪ ۽ گرم هوندو آهي. عام طور ڪريلي جي پوک اپريل جي مھيني کان پهرين پوکي ويندي آهي ۽ مئي کان آگسٽ سيپٽمبر تائين فصل ملندو آهي ۽ پوئين پوک مئي ۽ جون کان پوکي ويندي آهي. جنھن جو فصل نومبر تائين هلندو آهي. ڪريلي ۾ نسل وڌائڻ لاءِ جيوڙا خاص ڪري ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا جيت ڪردار ادا ڪندا آهن. هن ٻوٽي ۾ نر ۽ مادي گل الڳ الڳ پر هڪ ئي ٻوٽي ۾ هوندا آهن.


لفظ ڪريلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو