ڪريم فقير

ڪريم فقير

ڪريم فقير

ڪريم فقير (راڳي): لوڪ فنڪار ڪريم فقير، مئي 1961ع ۾ مٺي تعلقي جي تاريخي ڳوٺ ڪيرٽي ۾ آچار مڱڻھار جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ مٺيءَ ۾ پنھنجي مامي سروپي مڱڻھار جي گهر ۾ نپجي وڏو ٿيو، جيڪو دُھل جي وڄت جي حوالي سان مشھور ھو. هن ڍولڪ جي سکيا پنھنجي مامي کان ورتي. شروع ۾ صادق فقير سان گڏ ڍولڪ تي سنگت ڪندو رھيو. بعد ۾ حسين فقير کان راڳ جي سکيا ورتائين. ھن وقت هو مٺيءَ ۾ ’ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي‘ قائم ڪري راڳ جي سکيا ڏئي رھيو آھي.


لفظ ڪريم فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو