ڪريم ڏنو راڄپر (مضمون نگار ۽ زرعي ماهر): ورهاڱي کان پوءِ جن اديبن سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن ۾ ڪريم ڏني راڄپر جو نالو نمايان آهي. ان دور ۾ هن جا ڪيترائي زرعي مضمون ڇپيا. ان بعد پاڻ مسلسل لکندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘مون وس واڪا‘ (مضمون)، ’ڪک هيٺيان لک‘ (مضمون: 1962ع)، ’هينئين سان هنڊاءِ‘ (مضمون: 1962ع)، ’آمريڪا جو سير‘ (سفرنامو: 1961ع) شامل آهن.