ڪريم ڪڇي

ڪريم ڪڇي

ڪريم ڪڇي

ڪريم ڪڇي (راڳي): ڪريم ڪڇيءَ جو جنم پھرين اپريل 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد سومار ابڙي ۾ حاجي عبدالرحمان ڪڇي عرف ابو ويڙهيچو جي گهر ۾ ٿيو. مشھور راڳي مٺو ڪڇي سندس چاچو هو. ڪريم ڪڇي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ استاد جي پيشي سان سلھاڙجي ويو. استاد مٺو ڪڇيءَ کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتائين. هن سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، گجراتي ۽ اردو ٻولين ۾ بہ ڳايو آهي.
ڪڙ (جاءِ): ڪُڙ لانڍيءَ جو هڪ قسم آهي. لانڍي وانگر ڪاٺين جي ٺھيل هوندي آهي. هن جي ڀت سرن جي بدران مقامي وڻن جي ٽارين خاص طور ڄار ۽ روهيڙي وغيرہ جي ٽارين مان ٺاهي ويندي آهي. ٽارين جي ڀت ۽ ٿوڻين جي مٿان اڪ جي ڪاٺين ۽ ارڻين ۽ گاگهيٽن جي ٽارين سان کپ جي نوڙي جا ٽوپا ڏنا ويندا آهن، جنھن کي ’سانپڙي وهائڻ‘ چئبو آهي. ڪُڙ هوادار ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971۔04۔01  عيسوي

ڪريم ڪڇيءَ جو جنم پھرين اپريل 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد سومار ابڙي ۾ حاجي عبدالرحمان ڪڇي عرف ابو ويڙهيچو جي گهر ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدر فقير لنجواڻي
طفيل نيازي
ساهڙ فقير خاصخيلي
بشير احمد سولنگي
رجب علي
ڍول فقير
ريشمان
علي حيدر
اسلم راهي
شوڪت گل
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون