ڪرَهو (لوڪ گيت): ٿرپارڪر جو هيءُ لوڪ گيت خاص ڪري عمرڪوٽ واري ڀاڱي ۾ رائج آهي. ڪرهو اُٺ کي ئي چئبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪرَهو جتن ۽ اوٺين جيڪو گيت آهي، جو اُٺن تي سفر ڪندي ڳايو وڃي ٿو. انتظار ۽ فراق جو هيءُ گيت ڄڻڪ ’مومل‘ جي زباني آهي، هن گيت جي مشھور عشقيہ داستان ’مومل راڻي‘ جو اهو نظارو بيان ٿيل آهي، جڏهن راڻو روز رات جو ڪرهي تي چڙهي، مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ ۾ ايندو هو ۽ هوءَ راڻي سان ملڻ لاءِ تمام بيتاب هوندي هئي، جو راڻي کي مومل سان ملائڻ جو وسيلو ڪرَهو ئي هوندو هو.
’ڪرهو‘ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. سٽاءَ، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان هيءُ نھايت سادو گيت آهي ۽ هر بند ٿوريءَ ڦيرگهير سان هيٺين ريت وري وري چيو ويندو آهي، جيئن:
هڙڪ هلو هو، مڌورا چلو هو،
صاحب جـِـي را ڪرها، تاري واٽلڙي جوئان، گهر آؤ.
مصراعون لفظن جي ٿوريءَ ڦير گهير سان وراڻيءَ طور ڪم اچن ٿيون. ساڳيءَ طرح منڍ واري مصراع بہ ٿوري گهڻيءَ تبديليءَ سان وري وري آلاپي وڃي ٿي.
ڪـِـٿ روپائون ڏوڏا ايلچي، ڪـِـٿ روپائون ناگرويل-
(ڪھڙي هنڌ ڦوٽا پوکايان ۽ ڪھڙي هنڌ ناگرويل)
هـُـڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)
مارَي پرديسي را ڪرها! تاري آو لوڙي آئي، گهر آو...
(منھنجي پرديسي جا اٺ! متان ڏکيو نہ ٿئين، هاڻي گهر اچ)
باگ ۾ ڏوڏا لڳائون ايلچي، آنڱڻ روپائون ناگرويل-
(باغ ۾ ڦوٽا ۽ اڱڻ تي ناگرول پوکايان)
هڙڪ هلو هو، مڌورا هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)