ڪرچات (علائقو): ڪرچات تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ ڪوهستان جي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ هڪ قديم علائقو آهي. هي کيرٿر نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ مقبول آهي. هن مان ڪرچات نالي نئن وهي ٿي. لفظ ’ڪرچات‘ جو مطلب جبل (جھڙوڪ ’ڪرنائي‘) جو هيٺاهون پٽ ۽ سنسڪرت/پراڪرت ۾ ’چات(chata) ‘ جو مطلب اوٽ، ڇانوُ يا اوڙاھہ بہ ٿئي ٿو. ڪوهستان جو هيءُ علائقو کيرٿر جي اوٽ يا ڇانو ۾ صدين کان موجود آهي، جتي آس پاس ۾ قديم انساني وسندين جا آثار ملن ٿا. اڪثر هنڌن تي پنڊ پھڻ ٿيل وڻن جا ٿڙ پڻ مختلف قبرستانن ۾ پيل ملن ٿا. ڪرچات کير ٿر جبلن جي ڇيڙي تي، سرسبز ۽ پرسڪون آباديءَ واري جاءِ تي آهي. هن قديم وسنديءَ ۾ برفت، بروهي، بلوچ، ڪانڙا ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا.