ڪرڙ

ڪرڙ

ڪرڙ

ڪرڙ: هي پاڻمرادو ٿيندڙ ڪنڊن وارو وڻ آهي. ڊگهيون پاڙون هڻندڙ هن وڻ ۾ پن گهٽ، رڳو سنهيون ۽ گهاٽيون سايون ٽاريون ٿينديون آهن، جيڪي وڻ جي واڌ موجب ٿلهيون ۽ ڊگهيون ٿينديون رهنديون آهن. اونهاري جي مند ۾ ڪرڙ پھريائين ڳاڙهي رنگ جا گل جهليندو آهي، جنھن کي پُسي چئبو آهي. ٿر ۾ پُسيءَ کي ’ٻاٽو‘ بہ چئبو آهي. پُسي ڇڻڻ کان پوءِ، اُتي سائي رنگ جا ڏؤنرا (ڦل) ٿيندا آهن، جيڪي پچڻ کان پوءِ ڳاڙها ٿي پوندا آهن. ڏؤنرن کي ٿر ۾ ’پڪا‘ بہ چئبو آهي، جيڪي گهڻو سوادي ٿيندا آهن. ڪچا توڙي پڪا ڏؤنرا بہ ڀاڄيءَ طور ڪتب ايندا آهن. ڏؤنرن مان آچار بہ ٺاهيو ويندو آهي. ٿري ۽ جابلو ماڻهو پُسي، ڪچا (ڪيريا) ۽ پڪل ڏؤنرا چونڊي، شھرن ۾ آڻي وڪرو بہ ڪندا آهن. پُسي ۽ ڏونرن کي جانور ۽ خاص ڪري پکي پکڻ گهڻو کائيندا آهن.
ڪرڙ جو وڻ گهاٽو هوندو آهي، ان جو ڪاٺ گهڻو مضبوط هوندو آهي. جنھن کي اُڏوهي ۽ سُرو بہ نہ لڳندو آهي. ڪاٺ مختلف شين ٺاهڻ جي ڪتب اچي ٿو. چؤنرن، لانڍين، ڇنن وغيرہ ٺاهڻ ۾ بہ ڪرڙ ڪم اچي ٿو.
ڪرڙ حڪمت ۾ بہ گهڻو ڪم اچي ٿو. هن جي پُسي ۽ ڏؤنرا ، ڦڦڙن، جگر ۽ معدي جي بيمارين لاءِ ڪاڙهي طور پياريندا آهن. ڪاٺ کي ٻُورو ڪري، اُن مان مختلف بيمارين لاءِ دوائون بہ ٺاهيون وڃن ٿيون. توڙي جو ڪرڙ سوڪھڙي جو ڏاڍو هئڻ ڪري هر مند ۾ سائو رهندو آهي، پر ٻين وڻن جي واڍيءَ وانگر هن وڻ کي بہ گهڻو نقصان رسايو ويو آهي.


لفظ ڪرڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو