
ڪرڪيٽ
ڪرڪيٽ (Cricket): فوٽ بال کان پوءِ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ۽ پسند ڪئي ويندڙ راند ڪرڪيٽ، يارهن رانديگرن تي مشتمل ٻن ٽيمن جي وچ ۾ کيڏي ويندي آهي. هي راند بال (Ball) ۽ بيٽ (Bat) ذريعي کيڏي ويندي آهي، جنھن جو ميدان بيضوي شڪل جو ٿئي ٿو. ميدان جي وچ ۾ 20.12 ميٽرن (ٻاويھن گزن) جو مستطيل پٽو (حصو) هوندو آهي، جنھن کي پِچ (Pitch) چئبو آهي. پچ جي ٻنھي پاسي ٽي، ٽي وڪيٽون نصب ڪيون وينديون آهن. راند جي آغاز ۾ ٽاس وسيلي ڪا بہ ٽيم بئٽنگ يا فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي آهي. هن راند ۾ ٻنھي ٽيمن جو مقصد وڌ کان وڌ اسڪور ڪرڻ (رنسون ٺاهڻ) هوندو آهي. ون ڊي ۽ ٽي-20 مئچ ۾ ٻہ اننگز ٿينديون آهن. هڪ ٽيم بئٽنگ ڪندي آهي ۽ ٻي ٽيم فيلڊنگ ڪندي آهي. ميدان ۾ موجود ٽيم جو هڪ بالر (Bowler) رانديگر ٻيءَ ٽيم جي ڪريز تي بيٺل بئٽسمين کي بال ڪرائيندو آهي. ڪريز تي هڪ وقت ٻہ بئٽسمين هوندا آهن، هڪڙو وڪيٽ تي ۽ ٻيو بلي باز، جنھن کي نان اسٽرائيڪر چئبو آهي، جيڪو پچ جي ٻئي طرف بال ڪرائڻ واريءَ جاءِ وٽ بيھندو آهي. جيئن ئي بئٽسمين بال کي کيڏندو آهي تہ ٻئي بئٽسمين هڪ وڪيٽ کان ٻيءَ وڪيٽ طرف ڊوڙ پائي رنس ٺاهيندا آهن.
هڪ ٽيم جو وارو تڏهن ختم ٿيندو آهي، جڏهن بئٽنگ ڪندڙ ٽيم جا سمورا رانديگر آئوٽ ٿي وڃن يا اوور مڪمل ٿي وڃن يا ٽيم جو ڪپتان پنھنجو وارو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي.
ڪرڪيٽ ۾ اننگز ۽ اوورن جو تعداد مختلف قسمن جي مئچن ۾ مختلف هوندو آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪل چار اِننگز ٿينديون آهن. هيءَ مئچ پنجن ڏينھن تائين جاري رهندي آهي، جنھن ۾ روزانو 90 اوور (540 بال) ڪرائي سگهبا آهن. ون ڊي ۽ ٽي-20 ۾ ٻہ ٻہ اننگز ٿينديون آهن. ون ڊي ۾ هر ٽيم لاءِ 50 اوور (300 بال) مقرر هوندا آهن، جڏهن تہ ٽي-20 ۾ 20 اوور مقرر هوندا آهن.
هن راند ۾ کٽڻ لاءِ بعد ۾ بئٽنگ ڪندڙ ٽيم کي اڳ کيڏندڙ ٽيم جي ڪيل اسڪور وارو حدف پورو ڪرڻو هوندو آهي، پر جيڪڏهن ٻيءَ ٽيم جا سمورا (يعني 10 رانديگر) اسڪور مڪمل ڪرڻ کان اڳ آئوٽ ٿي وڃن تہ پھرين ٽيم مئچ جي فاتح ٿئي ٿي. ڪرڪيٽ راند برطانيا ۾ ايجاد ٿي. ان ڪري برطانوي حڪومت دوران قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ عام ٿي. ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جا 42 قانون/ اصول آهن، جيڪي ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (ICC) جي مدد سان ميلبرن ڪرڪيٽ ڪلب تيار ڪيا. هر هڪ ٽيم ۾ يارهن رانديگر ٿين ٿا، جيڪي چئن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن: (1) بئٽسمين، (2) بالر، (3) آل رائونڊر (بالنگ توڙي بئٽنگ ڄاڻندڙ)، (4) وڪيٽ ڪيپر. هڪ وچولي ۽ سٺي ٽيم ۾ اڪثر چار بئٽسمين، هڪ يا ٻہ آل رائونڊر، چار بالر ۽ هڪ وڪيٽ ڪيپر هوندو آهي. انھن مان هڪ رانديگر ڪپتان هوندو آهي. باقي سڀ رانديگر ڪپتان جا پابند هوندا آهن.
ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن کان سواءِ امپائرن جو بہ اهم ڪردار هوندو آهي. مئچ دوران ميدان ۾ ٻہ امپائر پنھنجا فرض سرانجام ڏيندا آهن. هڪ امپائر بالنگ سائيڊ واري وڪيٽ ڀرسان بيھندو آهي ۽ ٻيو امپائر، بئٽسمين جي پويان وڪٽ کان اٺن ڏهن فوٽن جي فاصلي تي بيھندو آهي. ٽيون امپائر (Third Umpire) ميدان کان ٻاهر ٽيليويزن ذريعي ضرورت پوڻ مھل فيصلا ڏيندو آهي. مئچ دوران رانديگر کي آئوٽ قرار ڏيڻ، نو بال، وائيڊ بال، ليگ باءِ، فري هِٽ وغيرہ جا فيصلا ڏيڻ امپائر جي اختيارن ۾ هوندو آهي. هڪ ٻيو امپائر ريفري هوندو آهي، جنھن جو ڪم مئچ دوران رانديگرن تي ڪرڪيٽ جا قانون لاڳو ڪرڻ هجي ٿو. هو مئچ دوران اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ رانديگرن تي ڏنڊ لڳائڻ جو پابند هجي ٿو.
هن راند ۾ فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم جا سمورا (يارهن) رانديگر ميدان ۾ موجود هوندا آهن. جن مان هڪ رانديگر بال ڪرائيندو آهي، هڪ رانديگر وڪيٽ ڪيپر هوندو آهي، جيڪو وڪيٽ جي پويان بيھندو آهي. باقي نوَ رانديگر فيلڊنگ ڪندا آهن، جن مان هڪ ڪپتان هوندو آهي، جيڪو حڪمت عمليءَ مطابق سڀني رانديگرن کي فيلڊنگ تي بيھاريندو آهي. هڪ رانديگر نائب ڪپتان هوندو آهي، جيڪو ڪپتان جي غير موجودگيءَ ۾ ڪپتانيءَ جو فرض سرانجام ڏيندو آهي.
ڪرڪيٽ ۾ ٽيسٽ مئچ پھريون ڀيرو 77/1876ع ڌاري کيڏي وئي. پھرين ٽيسٽ مئچ انگلنڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ 15 مارچ 1877ع تي کيڏي وئي. ان ابتدائي ٽورنامينٽ کي ايشز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اڄ تائين 1800 کان وڌيڪ ٽيسٽ مئچون کيڏيون ويون آهن. هن وقت عالمي سطح تي ٽيسٽ مئچ کيڏندڙ ٽيمن جو تعداد ٻارهن (12) آهي.
هڪ ڏينھن تي مشتمل ون ڊي ڪرڪيٽ پھريون ڀيرو 1961ع ۾ انگلينڊ جي مقامي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. انگلينڊ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ 1971ع کان ٻاهرين ملڪن جي مقابلن جو باقاعدہ آغاز ٿيو. عوام ۾ بيحد مقبوليت ماڻڻ سبب 1975ع کان پھريون عالمي ڪپ (Cricket World Cup) متعارف ڪرايو ويو، جيڪو هر چئن سالن بعد کيڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي راند کي عام طرح ODI (ون ڊي انٽرنيشنل) چيو ويندو آهي. موجودہ وقت ۾ هڪ روزہ ڪرڪيٽ کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪجهہ تبديليون پڻ ڪيون ويون آهن، جن ۾ رانديگرن لاءِ رنگين ڊريس، اڇي رنگ جو بال، رات جو مئچ مقرر ڪرڻ ۽ پاور پلي وغيرہ شامل آهن.
هن وقت تائين ٿيل ڪرڪيٽ جي عالمي مقابلن ۾فاتح ملڪن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
پھريون عالمي ڪپ، 1975ع. ويسٽ انڊيز (آسٽريليا هارايو).
ٻيو عالمي ڪپ، 1979ع. ويسٽ انڊيز (انگلينڊ هارايو).
ٽيون عالمي ڪپ، 1983ع. انڊيا (ويسٽ انڊيز هارايو).
چوٿون عالمي ڪپ، 1987ع. آسٽريليا (انگلينڊ هارايو).
پنجون عالمي ڪپ، 1992ع. پاڪستان (انگلينڊ هارايو).
ڇهون عالمي ڪپ، 1996ع. سريلنڪا (آسٽريليا هارايو).
ستون عالمي ڪپ، 1999ع. آسٽريليا (پاڪستان هارايو).
اٺون عالمي ڪپ، 2003ع. آسٽريليا (انڊيا هارايو).
نائون عالمي ڪپ، 2007ع. آسٽريليا (سريلنڪا هارايو).
ڏهون عالمي ڪپ، 2011ع. انڊيا (سريلنڪا هارايو).
يارهون عالمي ڪپ، 2015ع. آسٽريليا (نيوزيلينڊ هارايو).
ٻارهون عالمي ڪپ، 2019ع. انگلينڊ (نيوزيلينڊ هارايو).
تيرهون عالمي ڪپ، 2023ع آسٽريليا (انڊياهارايو).
اهڙيءَ طرح 2003ع کان ٽيسٽ ۽ ون ڊي کان سواءِ ٽي-20 يا ٽوئنٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. هي مئچ هر ٽيم لاءِ ويھن اوورن (120 بال) تي مشتمل ٿئي ٿي ۽ اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾ ختم ٿئي ٿي. هن مئچ ۾ نو بال ڪرائڻ تي بئٽنگ ڪندڙ ٽيم کي فري هِٽ ملي ٿو، جنھن سان بئٽسمين ان فري هِٽ واري بال تي رن آئوٽ ٿيڻ کان سواءِ آئوٽ نہ ٿي سگهندو آهي. ٽي-20 جو پھريون بين الاقوامي مقابلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويو. 2007ع ۾ ٽوئنٽي- ٽوئنٽي جو پھريون عالمي ڪپ ڏکڻ آفريڪا ۾ رٿيو ويو، جنھن ۾ ڀارت ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻيو عالمي ڪپ 2009ع ۾ انگلنڊ ۾ ٿيو، جنھن جي فائنل ۾ پاڪستان، سريلنڪا کي هارائي پھريون ڀيرو T-20 عالمي ڪپ کٽيو. 2010ع ۾ انگلنڊ، 2012ع ۾ ويسٽ انڊيز ۽ 2014ع ۾ سري لنڪا اهو عالمي ڪپ کٽيو. 2009ع ۽ 2010ع کانپوءِ T-20 عالمي ڪپ هر ٻن سالن بعد ٿئي ٿو.