ڪرڻجي سوڍو

ڪرڻجي سوڍو: ڪرڻجي سوڍو، ننگرپارڪر جو راڻو هو. پارڪر ۾ ميرن جي سند مطابق، ننگرپارڪر جي راڻي ڪرڻجيءَ کي سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن توڙي ننگرپارڪر شھر جي آمدنيءَ مان حصو ملندو هو. ويراواھہ جي جاگير لاڌوسنگهہ سوڍي ۽ ٻھراڻي جي جاگير ڪلجي سوڍي کي مليل هئي، انھن کانسواءِ ٻيون بہ ڪيتريون جاگيرون سوڍن وٽ هيون. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد سنڌ جي زميندارن، سردارن ۽ رعيت کي دٻائي ۽ لالچائي، آڻ مڃائيندا رهيا. انگريز 1856ع ۾ تروٽ (Trywitt) کي ٿرپارڪر جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو، جنھن اڳوڻا قانون رد ڪري پنھنجا قانون لاڳو ڪيا. سوڍن انگريزن جا قانون مڃڻ کان انڪار ڪري، پنھنجا حڪم جاري ڪيا. تروٽ ان وقت ڏيئو مل کي ٿر ۾ مختيارڪار مقرر ڪرايو، جنھن سوڍن تي سختي ڪري، انگريزن پاران روينيو سروي چالو ڪئي. راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪ نوڪر تي هڪ کوھہ کي نقصان پھچائڻ جو الزام هڻي ڏنڊ وڌو ويو. راڻي ڪرڻجيءَ جو ڪاسٻي جي پٽيل سان زمين جي دنگ تي تڪرار هو، جنھن جو تروٽ، راڻي خلاف فيصلو ڪري، دنگ تي پٿر هڻائي، راڻي کان زوريءَ خرچ وصول ڪيو. ٽيليگراف کاتي جي ملازمن ڪولهي عورتن سان بدسلوڪي ڪئي ۽ مزدورن کي پورو اجورو نہ ڏنو ۽ مختيارڪار ڏيئو مل، راڻي ڪرڻجي سان تڪرار ڪيو، جنھن سبب سوڍن ۾ انگريزن خلاف گهڻي نفرت پيدا ٿي. ويتر هڪ ڪولهي عورت راڻي وٽ انگريزن خلاف دانھي ٿي، تڏهن راڻي ڪرڻجيءَ سوڍن، ڪولهين ۽ ٻين سندس حامي قبيلن جو ڪٺ گهرايو. راڻي جو ڀاءُ ڀوپت سنگهہ، ويراواھہ جو راڻو لاڌو سنگهہ، ٻھراڻي جو راڻو ڪلجي، راڻي جي ڪيمپ ۾ گڏ ٿيا ۽ 15 اپريل 1859ع تي انگريزن خلاف بغاوت شروع ڪري ويڙھہ جو اعلان ڪيائون. هنن پھرين پنھنجي لشڪر سان پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، مختيارڪار جي دفتر کي باھہ ڏني، سرڪاري خزانو لٽيو، ٽيليفون جون تارون ڪَٽي ٻيو نقصان ڪيائون. ڏيئو مل اها خبر حيدرآباد موڪلي، جتان ڪرنل ايونس 19 اپريل 1859ع تي هڪ ٿرڊ بلوچي رجمينٽ جي ونگ ننگرپارڪر موڪلي ۽ ڪجهہ توپخانو ڪراچيءَ مان پڻ موڪليو ويو. 24 اپريل 1859ع تي ڪرنل ايونس کي حڪم مليو تہ پاڻ وڃي فوج جي ڪمانڊ وٺي، جيڪو 30 اپريل 1859ع تي پنھنجي موڪليل فوجي لشڪر سان وچ رستي ۾ اچي گڏيو، جڏهن تہ ڏيسا، حيدرآباد، احمدآباد ۽ ڪڇ کان انگريزن جون فوجون ان وقت تائين ننگرپارڪر جي آسپاس پھچي چڪيون هيون. ڏيسا جي فوج ميجر ڪئليءَ جي هٿ هيٺ سڀ کان پھرين ننگرپارڪر پھتي، جنھن تي 1 مئي 1859ع تي سوڍن حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن بہ سوڍن حملا جاري رکيا. ڪرنل ايونس 2 مئي تي ويراواھہ پھتو، جيڪو شھر خالي ٿي چڪو هو. سڀني فوجن گڏجي 3 مئي 1859ع تي ننگرپارڪر تي حملو ڪيو، ڪارونجهر تي راڻي چندن سنگهہ جو جوڙايل ’چندن گڍ‘ توپن سان اڏايو ويو. سوڍن جي لشڪر بھادريءَ سان مقابلو ڪيو. انگريزن جي فوجن جو ڪيترو ئي نقصان ٿيو، پر فوج گهڻي هجڻ ۽ وڏا هٿيار هجڻ سبب سوڍا پڄي نہ سگهيا. راڻو ڪرڻجي، راڻو لاڌوسنگهہ ۽ ٻيا ڪيترائي باغي گرفتار ٿي پيا. ڪلجي سوڍو وڙهندي مارجي ويو. راڻي ڪرڻجي، راڻي لاڌو سنگهہ ۽ ٻين باغين کي جيل ۾ وڌو ويو، جتان راڻي لاڌو سنگهہ جي پٽ اڌيسنگهہ سوڍي جيل تي حملو ڪري، قيدخانو ڀڃي سڀني کي آزاد ڪرايو ۽ تروٽ جي تنبو تي حملو ڪيو، جنھن پورڻ واءِ جي لاڌي ميگهواڙ جي گهر ۾ پيل ڇوڙن هيٺيان پاڻ لڪائي جان بچائي. ڪرنل ايونس جي فوج ان وقت پاڻ کي فاتح سمجهندي ننگرپارڪر ڇڏي واپس رواني ٿي چڪي هئي، جنھن کي وچ تي جيل ٽوڙڻ ۽ تروٽ تي حملي جي خبر ملي. ايونس فوج واپس موٽائي 1 جون 1859ع تي ننگرپارڪر تي حملو ڪيو، پر راڻو جبل ۾ لڪي ويو. راڻي کي سندس دوست سيٺ ماوجي لوهاڻو، هنس پوري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌو پيتو ۽ خبرچار پھچائيندا هئا. تروٽ، روپلي ڪولهيءَ کي گرفتار ڪري، راڻي جو ڏس ڏيڻ لاءِ پھرين لالچايو پوءِ سخت اذيتون ڏنيون. پر هن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن کيس ڦاهي ڏني وئي. آخر تروٽ سيٺ ماوجي ۽ هنس پُوري ٻاوي کي لالچ ڏئي، راڻي کي گرفتار ڪرايو. راڻي سان گڏ سندس وزير ۽ ٻيا ڪيترائي مددگار گرفتار ٿيا، جن مان ڪيترن ئي آڻ مڃي، پر راڻي ڪرڻجي ۽ راڻي لاڌي آڻ نہ مڃي. نيٺ سوڍي ڪرڻجي ۽ سندس وزير تي راڄ ڊوهي/ بغاوت جو مقدمو هليو. 1860ع ۾ کين 14 سال سزا آئي، سندن جاگيرون ضبط ڪيون ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو