ڪرڻجي سوڍو: ڪرڻجي سوڍو، ننگرپارڪر جو راڻو ۽ ٿر ۾ انگريزن خلاف ڪيل بغاوت جو مهندار هو. انگريز 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زميندارن، سردارن ۽ رعيت مان ڪن کي دٻائي، ڪن کي لالچائي، جاگيرون ڏئي ته ڪن کي آسرن ۾ رکي آڻ مڃائيندا رهيا. پارڪر ۾ ميرن جي سند مطابق، ننگرپارڪر جي راڻي ڪرڻجيءَ کي سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن توڙي ننگرپارڪر شهر جي آمدنيءَ مان حصو ملندو هو. ويراواهه جي جاگير لاڌوسنگهه سوڍي ۽ ٻهراڻي جي جاگير ڪلجي سوڍي کي مليل هئي، انهن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون جاگيرون سوڍن وٽ هيون. انگريزن 1856ع ۾ تروٽ (Trywitt) کي ٿرپارڪر جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو، جنهن اڳوڻا قانون رد ڪري پنهنجا قانون لاڳو ڪيا.
سوڍن انگريزن جا قانون مڃڻ کان انڪار ڪري پنهنجا حڪم جاري ڪيا. تروٽ ان وقت ڏيئو مل کي ٿر ۾ مختيارڪار مقرر ڪرايو، جنهن سوڍن تي سختي ڪئي. انگريزن پاران روينيو سروي چالو ڪئي وئي. راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪ نوڪر تي کوهه کي نقصان پهچائڻ جو الزام هڻي ڏنڊ وڌو ويو. راڻي ڪرڻجيءَ جو ڪاسٻي جي پٽيل سان زمين جي دنگ تي تڪرار هو، جنهن جو تروٽ، راڻي خلاف فيصلو ڪري، دنگ تي پٿر هڻائي، راڻي کان زوريءَ خرچ وصول ڪيو. ٽيليگراف کاتي جي ملازمن ڪولهي عورتن سان بدسلوڪي ڪئي ۽ مزدورن کي پورو اجورو نه ڏنو ۽ مختيارڪار ڏيئو مل، راڻي ڪرڻجي سان تڪرار ڪيو، جنهن سبب سوڍن ۾ انگريزن خلاف گهڻي نفرت پيدا ٿي. ويتر هڪ ڪولهي عورت راڻي وٽ انگريزن خلاف دانهي ٿي، تڏهن راڻي ڪرڻجي ڌارين خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. راڻي جو ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويراواهه جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻهراڻي جو راڻو ڪلجي، راڻي جي ڪيمپ ۾ گڏ ٿيا ۽ 15 اپريل 1859ع تي بغاوت شروع ڪيائون. پارڪر جا هزارين ڪولهي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو ان بغاوت ۾ شامل ٿي ويا ۽ انگريزن جا قانون مڃڻ کان انڪار ڪري ويڙهه جو اعلان ڪيائون. هنن پهرين پنهنجي لشڪر سان پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، مختيارڪار جي دفتر کي باهه ڏني، سرڪاري خزانو لٽيو، ٽيليفون جون تارون ڪَٽي ٻيو نقصان ڪيائون. ڏيئو مل اها خبر حيدرآباد موڪلي، جتان ڪرنل ايونس 19 اپريل 1859ع تي هڪ ٿرڊ بلوچي رجمينٽ جي ونگ ننگرپارڪر موڪلي ۽ ڪجهه توپخانو ڪراچيءَ مان پڻ موڪليو ويو.
24 اپريل 1859ع تي ڪرنل ايونس کي حڪم مليو ته پاڻ وڃي فوج جي ڪمانڊ وٺي، جيڪو 30 اپريل 1859ع تي پنهنجي موڪليل فوجي لشڪر سان وچ رستي ۾ اچي گڏيو، جڏهن ته ڏيسا، حيدرآباد، احمدآباد ۽ ڪڇ کان انگريزن جون فوجون ان وقت تائين ننگرپارڪر جي آسپاس پهچي چڪيون هيون. ڏيسا جي فوج ميجر ڪئليءَ جي هٿ هيٺ سڀ کان پهرين ننگرپارڪر پهتي، جنهن تي 1 مئي 1859ع تي سوڍن حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن به سوڍن حملا جاري رکيا.
ڪرنل ايونس 2 مئي تي ويراواهه پهتو، جيڪو شهر خالي ٿي چڪو هو. سڀني فوجن گڏجي 3 مئي 1859ع تي ننگرپارڪر تي حملو ڪيو، ڪارونجهر تي راڻي چندن سنگهه جو جوڙايل ’چندن گڍ‘ توپن سان اڏايو ويو. سوڍن جي لشڪر بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. انگريزن جي فوجن جو ڪيترو ئي نقصان ٿيو، پر فوج گهڻي هجڻ ۽ وڏا هٿيار هجڻ سبب سوڍا پڄي نه سگهيا. راڻو ڪرڻجي، راڻو لاڌوسنگهه ۽ ٻيا ڪيترائي بهادر گرفتار ٿي پيا. ڪلجي سوڍي وڙهندي ڪارونجهر وٽ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. راڻي ڪرڻجي، راڻي لاڌو سنگهه ۽ ٻين باغين کي جيل ۾ وڌو ويو، جتان راڻي لاڌو سنگهه جي پٽ اڌيسنگهه سوڍي جيل تي حملو ڪري، قيدخانو ڀڃي سڀني کي آزاد ڪرايو ۽ تروٽ جي تنبو تي حملو ڪيو، جنهن پورڻ واءِ جي لاڌي ميگهواڙ جي گهر ۾ پيل ڇوڙن هيٺيان پاڻ لڪائي جان بچائي. ڪرنل ايونس جي فوج ان وقت پاڻ کي فاتح سمجهندي ننگرپارڪر ڇڏي واپس رواني ٿي چڪي هئي، جنهن کي وچ تي جيل ٽوڙڻ ۽ تروٽ تي حملي جي خبر ملي.
ايونس فوج واپس موٽائي 1 جون 1859ع تي ننگرپارڪر تي حملو ڪيو، پر راڻو جبل ۾ لڪي ويو. راڻي کي سندس دوست سيٺ ماوجي لوهاڻو، هنس پوري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌو پيتو ۽ خبرچار پهچائيندا هئا.
تروٽ، روپلي ڪولهيءَ کي گرفتار ڪري، راڻي جو ڏس ڏيڻ لاءِ لالچايو، پر روپلي جو هن ڏَس ڏيڻ کان انڪار ڪيو، کيس سخت اذيتون ڏنيون ويون، هٿن جي ترين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي ڪپهه ويڙهي باهه ڏني وئي، پر هن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن کيس ڦاهي ڏني وئي. آخر تروٽ سيٺ ماوجي ۽ هنس پُوري ٻاوي کي لالچ ڏئي، راڻي کي گرفتار ڪرايو. راڻي سان گڏ سندس وزير ۽ ٻيا ڪيترائي مددگار گرفتار ٿيا، جن مان ڪيترن ئي آڻ مڃي، پر راڻي ڪرڻجي ۽ راڻي لاڌي آڻ نه مڃي. کين جاگيرون ۽ بنگلا ڏيڻ جي آڇ ٿي، پر هو پارڪر مان انگريزن جا قانون ختم ڪرڻ جي شرط تي اٽل رهيا.
نيٺ سوڍي ڪرڻجي ۽ سندس وزير تي راڄ ڊوهي/ بغاوت جو مقدمو هليو. 1860ع ۾ کين 14 سال سزا آئي، سندن جاگيرون ضبط ڪيون ويون. راڻي سان دغا ڪندڙن کي انگريزن جاگيرون ڏئي انعامن سان نوازيو.