ڪسوٽي سونارڪو اوزار

ڪسوٽي (سونارڪو اوزار): ڪسوٽي ڪاري رنگ جو پٿر آهي. سونارا انهيءَ پٿر جي مدد سان سون جي سچائي معلوم ڪندا آهن، ڪسوٽيءَ سون جي پرکڻ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي. ڪسوٽي ڦيٽ جي مامري کان سونارن کي آگاھہ ڪرڻ جو بھترين پٿر آهي. هي پٿر گول، مستطيل ۽ لسو ٿئي، جنھن تي سون جي ڏنگي يا زيور گسائڻ سان سون جا ذرا ڪسوٽيءَ تي چھٽي پوندا آهن ۽ هٿ لڳائڻ يا پاڻيءَ هارڻ سان نہ ڊهندا آهن. سون جا ڪيترائي نمونا ٿين ٿا. جن کي سونارا ڪسوٽيءَ ذريعي پرکيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو