ڪشمور

ڪشمور (شھر ڪنڌڪوٽ/ضلعو): لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ شھر، جيڪو پھرين جيڪب آباد ضلعي جو تعلقو هو، جنھن کي 2010ع ۾ سنڌ حڪومت پاران جُدا ضلعي جي حيثيت ڏيئي ڪنڌڪوٽ کي ان جو ضلعي هنڌ بڻايو ويو آهي. هي ضلعو 3 تعلقن: ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقن تي مشتمل آهي. ٽن صوبن جي سرحدن کي ڳنڍيندڙ آهي. ان جي اوڀر ۾ ضلعو راجن پور (پنجاباتر ۾ ضلعو ڊيرا بگٽي (بلوچستان)، ڏکڻ ۾ گهوٽڪي ۽ سکر ۽ اولھه ۾ جيڪب آباد ۽ شڪارپور آهن. ضلعي جي الھندي طرف هڪ ٻيلو (ڪچو) پڻ آهي. هي سنڌ جو قديم، تاريخي ۽ ڇيڙي وارو شھر آهي. ان شھر جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو چار ڀيرا ڊٺو ۽ ٺھيو آهي. هي چوٿون ڀيرو آباد ٿيل شھر آهي.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي مضمون ’جيڪب آباد‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”موهن جي دڙي واري تھذيب جي ابتدائي زماني ۾ قديم بابل جي شھر ’ار‘ جون ڪجهہ قومون سنڌ جي ڪن هنڌن تي اچي آباد ٿيون، اهي قومون عيسوي سن کان لڳ ڀڳ ٽي هزار سال اڳ هتي پھتيون هيون. هنن پنھنجي رهائش لاءِ جيڪي نوان شھر آباد ڪيا، انھن جي پڇاڙيءَ ۾ ’ار‘ ڳنڍيائون، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ’شھر‘.جيڪب آباد ضلعي ۾ ’ڪشمور‘ شھر ان دور جو يادگار آهي. ان کانسواءِ مشھور سياح ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ’ڪشمور‘ جا حوالا ملن ٿا. سنڌو ۽ ٻين درياهي بندرگاهن وانگر اهم نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ تہ وچ ايشيا ۽ اولھه ايشيا کان سنڌ ۽ هند ۾ داخل ٿيڻ جا ٻہ رستا هئا/آهن. هڪ خيبر لڪ کان ۽ ٻيو سبيءَ کان ڪشمور تائين هڪ قديم رستو اچي ٿو. هن کان اڳ ۾ جيڪو بيگاري سنڌ فيڊر جي 17 آر. ڊي. وٽ ڪشمور شھر ٻڌائن ٿا، سو 1400ع ڌاري ابراهيم لوڌي گهراڻي جي حاڪم اسلام خان جي سيت پور رياست (پنجاب) فتح ڪرڻ جي زماني جا تاريخي حوالا ملن ٿا. نئون ڪشمور ٻيھر ٻڌو ويو آهي. ڪشمور شھر کي انگريزن 1874ع ۾بچاءُ بند ٻڌائي محفوظ ڪيو، ان بچاءَ بند کان پوءِ ڪشمور شھر پڪو ٿيو ۽ پڪيون جايون جوڙيون ويون. ڪشمور جي ريلوي اسٽيشن جي اتر طرف فوجي چونڪي جو ڏس ملي ٿو. اول ڪشمور جيڪب آباد ضلعي جو تعلقو هو، ڪشمور کي ٽوڙي ڪنڌ ڪوٽ تعلقو قائم ڪيو ويو. ڪشمور جڏهن نوٽيفائيڊ ايريا هو تہ ان وقت سيٺ چيلارام پنھنجي نظرداري هيٺ پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري هن شھر کي ترقي ڏياري. 1902ع کان مختيارڪاري ۽ 1911ع ۾ ٿاڻو قائم ٿيو. هتي ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا، ضلعي جي ماڳن ۾: گودي بنگلو، اڇي (چٽي) مسجد، ڊکڻ بنگلو ۽ ٻيا شامل آهن. 2017ع جي آدمشماري موجب ضلعي جي آبادي هڪ لک نو هزار ٽي سؤ ڇٽيھه (109336) آهي.


لفظ ڪشمور ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو