ڪشمور ڪنڌڪوٽ

ڪشمور- ڪنڌڪوٽ (شھر/ضلعو): هي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ شھر، جيڪو پھريان جيڪب آباد ضلعي جو تعلقو هو، جنھن کي 2010ع ۾ سنڌ حڪومت پاران جُدا ضلعي جي حيثيت ڏيئي ڪنڌڪوٽ کي ان جو صدر مقام بڻايو ويو آهي. هي ضلعو 3 تعلقن: ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقن تي مشتمل آهي. ٽن صوبن جي سرحدن کي ڳنڍيندڙ روڊن ۽ رستن جي ڪري هن شھر جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي. هن جي اوڀر ۾ ضلعو راجن پور (پنجاباتر ۾ ضلعو ڊيرا بگٽي (بلوچستان)، ڏکڻ ۾ گهوٽڪي ۽ سکر ۽ اولھه ۾ جيڪب آباد ۽ شڪارپور آهن. ضلعي جي الھندي طرف هڪ ٻيلو (ڪچو) پڻ آهي. هي سنڌ جو قديم، تاريخي ۽ ڇيڙي وارو شھر آهي. هن شھر جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي چار ڀيرا ڊٺو ۽ ٺھيو آهي. ڪشمور ضلعي جي سماجي اڀياس، درجي ٽئين ۾ به لکيل آهي ته هي چوٿون ڀيرو آباد ٿيل شھر آهي، پر ڊهڻ ۽ اڏجڻ بابت ڪا به تاريخ موجود نه آهي. روايت آهي ته هاڻوڪي بيگاري سنڌ فيڊر جي 17 اي آر. ڊي وٽ پراڻو ڪشمور درياءَ جي ڪناري تي ٻڌل هو، جيڪو درياءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ نئون ڪشمور هاڻوڪي جاءِ تي ٻيھر ٻڌو ويو.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي مضمون ’جيڪب آباد‘ ۾ لکيو آهي ته ”موهن جي دڙي واري تھذيب جي ابتدائي زماني ۾ قديم بابل جي شھر ”ار“ جون ڪجهه قومون سنڌ جي ڪن هنڌن تي اچي آباد ٿيون، اهي قومون عيسوي سن کان لڳ ڀڳ ٽي هزار سال اڳ هتي پھتيون هيون. هنن پنھنجي رهائش لاءِ جيڪي نوان شھر آباد ڪيا، انھن جي پڇاڙيءَ ۾ ”ار“ ڳنڍيائون، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ’شھر‘. جيڪب آباد ضلعي ۾ ’ڪشمور‘ شھر ان دور جو يادگار آهي. (ان وقت ڪشمور جيڪب آباد ضلعي ۾ هو).“ ان کانسواءِ مشھور سياح ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ’ڪشمور‘ جا حوالا ملن ٿا، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ قديم شھر ڪيترا ڀيرا ڊٺو ۽ ٻيھر آباد ڪيو ويو آهي پر ان جو ڪو تاريخي دليل نٿو ملي. سنڌو درياهه جي وهڪري موجب هي شھر سنڌ جي ٻين بندرگاهن وانگر اهم نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته وچ ايشيا ۽ اولھه ايشيا کان برصغير پاڪ ۽ هند ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه رستا آهن. هڪ خيبر لڪ کان ۽ ٻيو سبيءَ کان ڪشمور تائين هڪ قديم رستو اچي ٿو. جيڪو پڻ ڪشمور جي آڳاٽي هجڻ جو دليل آهي. البت هن کان اڳ ۾ جيڪو بيگاري سنڌ فيڊر جي 17 آر. ڊي. وٽ ڪشمور شھر ٻڌائن ٿا، سو 1400ع ڌاري ابراهيم لوڌي گهراڻي جي حاڪم اسلام خان جي سيت پور رياست (پنجاب) فتح ڪرڻ جي زماني جا تاريخي حوالا ملن ٿا.
ڪشمور شھر کي انگريزن 1874ع ۾بچاءُ بند ٻڌائي محفوظ ڪيو، جيڪو عيدگاهه واري محراب کان ٿيندو، پير فتح شاهه سومرا محله کان اولھه طرف هلي پراڻي شاهي واهه تائين هو، جنھن تي هن وقت بازار قائم آهي. اهو بند اڳتي هلي بيگاري، سنڌ فيڊر جي ريگيوليٽر کان ڪراس ڪري، بڊاڻي ڀرسان گودي بنگلي کان هلندو، ڳڙهي تيغو کان سکر پھتو. ان بچاءَ بند ٻڌڻ کان پوءِ ڪشمور شھر پڪو ٿيو ۽ پڪيون جايون جوڙيون ويون.
ڪشمور جي ريلوي اسٽيشن جي اتر طرف فوجي چونڪي جو ڏس ملي ٿو. اول ڪشمور جيڪب آباد ضلعي جو تعلقو هو، ڪشمور کي ٽوڙي ڪنڌ ڪوٽ تعلقو قائم ڪيو ويو. ڪشمور جڏهن نوٽيفائيڊ ايريا هو ته ان وقت سيٺ چيلارام پنھنجي نظرداري هيٺ پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري هن شھر جي ترقي ڏانھن خوب ڌيان ڏنو. 1902ع کان مختيارڪاري ۽ 1911ع ۾ ٿاڻو قائم ٿيو. هتي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ پرائمري کان هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج تائين تعليمي ادارا موجود آهن، ان کانسواءِ شھر ۾ خانگي اسڪول لائبريريون ۽ سڀني بئنڪن جون شاخون پڻ موجود آهن، ڪشمور ۾ هڪ ننڍي لائبرري ۽ هڪ پرنٽنگ پريس پڻ موجود آهي. هتي ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا، ضلعي جي ماڳن ۾: گودي بنگلو، اڇي (چٽي) مسجد، ڊکڻ بنگلو ۽ ٻيا شامل آهن. هتي مزاري، بھلڪاڻي، سندراڻي، ڊومڪي، نوناري، جعفري، جکراڻي، بجاراڻي، چانڊيا، عارباڻي، سھرياڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي ذاتين وارا آباد آهن. مشھور محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق جو تعلق به هن ضلعي سان آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب ضلعي جي آبادي هڪ لک نو هزار ٽي سؤ ڇٽيھه (109336) آهي.


لفظ ڪشمور ڪنڌڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو