ڪشمير

ڪشمير

ڪشمير

ڪشمير: پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ تڪراري بڻيل اوچن جبلن، خوبصورت ڍنڍن ۽ ساوڪ ڀريل جاين تي مشتمل علائقو آهي. هي جاگرافيائي لحاظ کان ٻن حصن يعني هندستان ۽ پاڪستان ۾ ورهايل آهي. هندستان طرفان والاريل ايراضي کي ’والاريل ڪشمير‘ سڏجي ٿو، جنھن ۾ ٽي صوبا: ڄمون، سرينگر ۽ لداخ اچي وڃن ٿا. پاڪستان طرف آيل ڪشمير جي حصي کي سرڪاري طور آزاد/ ڄمون ڪشمير جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪشمير جي اتر ۽ اوڀر طرف چين جون سرحدون ملن ٿيون. ڪشمير جي ايراضي لڳ ڀڳ 86000 چورس ميل آهي ۽ 2001ع جي آدمشماريءَ موجب هتان جي آبادي 95 لک کان وڌيڪ آهي، جنھن ۾ 65 سيڪڙو مسلمان آهن، جنھن سبب هي هندستان جي سڀني رياستن ۽ سرحدي علائقن (لڪشادويپ کي ڇڏي) ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلمانن جي گهڻائيءَ وارو علائقو آهي.
ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي ڪل آباديءَ جو اٽڪل 96 سيڪڙو ٿئي ٿي، لداخ ۾ مسلمانن جي آبادي 44 سيڪڙو (تبتي ٻڌن جي آبادي 51 سيڪڙو) ۽ ڄمون ۾ 27 سيڪڙو آهي، جڏهن تہ هندو 63 سيڪڙو اڪثريت ۾ آهن. ڄمون ۾ سک اقليت ۾ آهن. آزاد ڪشمير ۾ 4 ملين آبادي آهي ۽ اترين سرحدن طرف ست لک پنجاھہ هزار 750000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو رهن ٿا. چوڏهين صديءَ کان وٺي ڪشميرين جي مذهبي زندگيءَ ۾ تصوف هڪ خاص عنصر آهي. والاريل ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ سرينگر آهي، جنھن جي ڪل ايراضي 39102 هزار ميل آهي. آزاد ڪشمير جي ايراضي 25 هزار ميل ۽ ان جو دارالحڪومت مظفرآباد آهي. هي تڪراري رياست، هندستان جي اتر اولھه ۽ پاڪستان جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي. ڪشمير جي ڏکڻ ۽ اولھه طرف پاڪستان، اتر طرف چين ۽ افغانستان ۽ اوڀر طرف تبت جو علائقو آهي.
ورهاڱي وقت، معاهدي مطابق هن رياست جو الحاق مسلمانن جي نئين ملڪ پاڪستان سان ٿيڻو هو، پر هند جي راجا سازش سان ڪشمير جي علائقي تي قبضو ڪري ڇڏيو. 1948ع ۾ ڪشميري مجاهدن ان قبضي خلاف جهاد ڪري هڪ حصو آزاد ڪرائي ورتو. ڪشمير، حسن ۽ خوبصورت قدرتي منظرن سبب سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. هتي اوچن اوچن جبلن جا ڪيترا ئي سلسلا آهن، جن ۾؛ ڪوھہ هماليہ ۽ ڪوھہ قراقرم قابلِ ذڪر آهن. جھلم دريا، سرينگر مان ٿيندو پاڪستان جي علائقي ۾ داخل ٿيندو آهي. ڪشمير جي هڪ اوچي جبل ’قراقرم‘ ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سھڪار سان ’شاهراھہ قراقرم‘ تعمير ڪيو ويو. موسمي لحاظ سان رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي آب و هوا تيزيءَ سان مٽجندي رهي ٿي، ڪشمير جي ڪجهہ حصن ۾ تمام گهڻي ٿڌ ۽ ڪجهہ حصن ۾ وري تمام گهڻي گرمي ٿئي ٿي. مجموعي طور هي علائقو ساوڪ سان ڀرپور آهي، هتي ڪڻڪ ۽ چانورن جو فصل ٿئي ٿو. ان کانسواءِ هي علائقو دستڪاري (هٿ جي هنر) لاءِ بہ گهڻو مشھور آهي، هتان جون شالون ۽ گرم ڪپڙا پڻ سڄي دنيا ۾ مشھور آهن. ايراضي جي لحاظ کان رياست جمون ۽ ڪشمير، ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي سڀ کان وڏي رياست آهي. 1310ع کان ويندي 1553ع تائين مقامي مسلمان بادشاھہ ڪشمير جا حاڪم رهيا، 1515 کان 1718ع تائين مغل بادشاهن ڪشمير تي حڪومت ڪئي، جڏهن تہ 1718ع کان 1819ع تائين افغان گورنر هتي حڪمران رهيا. 1819ع کان 1846ع دوران سکن هن رياست تي حڪومت ڪئي، جنھن بعد انگريزن جي هندستان تي قبضي دوران هي رياست بہ برطانوي حڪومت پنھنجي دائري اختيار ۾ شامل ڪري ڇڏي. نومبر 1846ع تي مھاراجه گلاب سنگهہ، برطانوي فوج جي مدد سان هن رياست تي قبضو ڪيو. ڪشمير ۾ مسلمانن جي پنجاھہ سالن تائين جي حڪمراني واري عرصي ۾ مقامي ڪشميرين اسلام قبول ڪيو، جنھن ۾ صوفي بزرگ سيد علي همداني جو منفرد ڪردار رهيو، جيڪو شاھہ همدان جي نالي سان ڪشميرين ۾ عام مقبول ٿيو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هتان جو هندو راجا هري سنگهہ، مسلمان مجاهدن جي حملي واري خوف سبب دهلي هليو ويو، جتي هن هندستاني حڪومت کي ڪشميري رياست تي قبضي جي صلاح ڏني. هندو فوجون هوائي جهازن وسيلي سرينگر پھتيون تہ مسلمان مجاهدن سان سندن جنگ جو آغاز ٿيو. 1948ع جي آخر ۾ گڏيل قومن جي مداخلت سبب جنگ بند ٿي، پر اڄ تائين پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشمير هڪ وڏو تڪراري مسئلو بڻيل آهي، جنھن جي نتيجي ۾ 1965ع ڌاري پاڪ- ڀارت جنگ پڻ ٿي. 20 جون 1949ع تي مھاراجه هري سنگهہ تخت تان لٿو تہ سندس پٽ ڪرن سنگهہ کي والاريل ڪشمير جو صدر مقرر ڪيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي هڪ اڳواڻ شيخ محمد عبدالله سان جواهر لعل نھرو جي اڳواڻي ۾ هندستاني حڪومت ڳالهيون ڪري هڪ ٺاھہ ڪيو، جنھن مطابق ڀارت آئين ۾ ترميم ڪري والاريل ڪشمير کي رياستي حيثيت ڏئي شيخ عبدالله کي ان جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو. 1953ع ۾ کيس حڪومت مان بي دخل ڪري 11 سال قيد ۾ رکيو ويو. آزاد ڪرايل علائقي ۾ قائم ڪيل حڪومت جو پھريون سربراھہ سردار محمد ابراهيم مقرر ٿيو.1987ع کان ڪيترائي ڀيرا ڪشمير جي سياسي حل لاءِ ڪيل ڳالهين جي ناڪامي بعد ڏينھنو ڏينھن پر تشدد واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، جنھنڪري ڪشمير جي سياحت ۽ معاشي حالتن کي بہ ڪافي ڌڪ رسيو آهي. نفرت انگيز ڇڪتاڻ سبب انساني رتو ڇاڻ عام آهي. هندستان جي قومي تنظيم راشٽريه سوايمسيوڪ سنگهہ ۽ ان جو سياسي ڌڙو ڀارتيه جنتا پارٽي، مسلمانن کي پنھنجي لاءِ وڏو خطرو سمجهندي هندستاني حڪومت جي ماتحت ڪشمير تي حڪومت ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پر ڪشمير جون ٻہ وڏيون قومي تنظيمون؛ جمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ ۽ حزب المجاهدين ڪشمير لاءِ هڪ خودمختيار ۽ آزاد رياست جو مطالبو ڪن ٿيون (جن کي پاڪستان سميت دنيا جي مڙني مسلم ملڪن جي حمايت حاصل آهي.) ماضيءَ جي نسبت ڪشمير ۾ هن وقت انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ۽ هر قسم جو تشدد روز جو معمول بڻيل آهي. 1999ع ڌاري جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران ٻن ايٽمي طاقتن؛ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ان وقت جنگ جون ڌمڪيون عروج تي پھتيون، جڏهن آزادي پسند ۽ پاڪستاني فوج جي جٿن ڪارگل وٽ سرينگر کان لداخ ويندڙ رستي کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ آمريڪا جي چوڻ تي پنھنجا جٿا هٽايا. هن وقت ڪشمير هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، انساني حقن جي لتاڙ سبب گڏيل قومون ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ تنظيمون هن مسئلي جي دائمي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن.


لفظ ڪشميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو