ڪِشني ڦلواڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڪشني ڦُلواڻيءَ جو تعلق جوڌپور هندستان سان آهي. سندس وڏا اصل سنڌ جا هئا، جيڪي 1966ع ڌاري ٿرپارڪر، سنڌ مان لڏي هندستان ۾ وڃي آباد ٿيا. هن ايم. اي جوڌپور يونيورسٽيءَ مان ڪئي. مائنر سبجيڪٽ لوڪ ادب جو موضوع چونڊيو، جنھن ۾ دلچسپي وڌڻ سبب ساڳئي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر مدن راج ڊي مَھتا جي نگراني ۾ لوڪ ادب جي موضوع تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس Ph.D ٿيسز جو عنوان ‘Sindhi Folktales of Thar’ آهي. جنھن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نور احمد جنجهي ’ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان‘ نالي سان ڪيو، جيڪو پڻ 2007ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.