ڪشنچند خوبچنداڻي رنجايل

ڪشنچند خوبچنداڻي رنجايل

ڪشنچند خوبچنداڻي رنجايل

ڪشنچند خوبچنداڻي ’رنجايل‘: ڪشنچند ايسرداس خوبچنداڻيءَ جو جنم پھرين جنوري 1934ع تي، ڀريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾، مشھور حڪيم ايسرداس جي گهر ۾ ٿيو. هن ڇھين درجي تائين تعليم ڀريا ۾ حاصل ڪئي. 1948ع ۾ هو خاندان سميت ممبئي لڏي ويو. هن گجرات يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ وڪرم يونيورسٽيءَ مان بي ايڊ ڪئي. ھن 1953 کان 1955ع تائين جهوناڳڙھه جي ڪُتيانه ضلعي جي ٻن اسڪولن ۾ پڙهائڻ سان گڏ انچارج لائبررين طور بہ ڪم ڪيو. ’رنجايل‘ جي تخلص سان 1958ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن 1963ع ۾ شاعري شروع ڪئي، 1967ع کان ماهوار ’جهِرمِر‘ ۽ هفتيوار ’سنڌي ڀاشا‘ جو ايڊيٽر بہ رھيو. سندس انگريزي، ھندي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڪھاڻين جا ترجما توڙي درسي ڪتاب ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ريڊيو ۽ ٽي. وي پروگرامن جا اسڪرپٽ بہ لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ’سُجاتا‘ (ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول 1964ع)، ’ساھت سريتا‘ (ادبي مضمون 1992ع)، ’ڪرڻا ڄڻ مُشڪڻ لڳا‘ (ڪھاڻيون 1993ع)، ’بانوري باک‘ (ڪويتائون 1993ع)، ’وڻ ۾ منھنجو ساھه‘ (ٻارن لاءِ لوڪ ڪٿائون 1995ع)، ’پل پل تند تنوار‘ (ڪويتائون 1997ع)، ’ڏات جا ڏيئا‘ (ڪويتائون 2002ع)، ’رنجايل جا پنجهتر غزل‘ (2008ع)، ’ساھت ساگر‘ (ادبي مضمون 2009ع)، ’مُحب مٺي جي ياد ۾‘ (2011ع)، ’تارا ڪن ٿا اشارا‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2012ع)، ’ٻار گُل گُلزار‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2013ع)، ’ايڪاسي آلاپ‘ (غزل 2014ع)، ’ادب جا اُھڃاڻ‘ (ادبي مضمون 2015ع) ۽ ’ٻار من ٺار‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2016ع) شامل آهن. کيس مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ بہ مليا.احمدآباد ۾ لاڏاڻو ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.01  عيسوي

ڪشنچند ايسرداس خوبچنداڻيءَ جو جنم پھرين جنوري 1934ع تي، ڀريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾، مشھور حڪيم ايسرداس جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمدعثمان سومرو
ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي ڊاڪٽر
سرائي محمد صالح خان
محمد اڪرم سمو
طلعت اقبال
ابڙو احمد خان شيدا
الھڏنو فقير ماڇي
بادو درويش
ساڌنا شوداساڻي
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون