

ڪشنچند پارواڻي
ڪشنچند پارواڻي: سياستدان ڪشنچند پارواڻي 17 جولاءِ 1939ع تي ڪندو مل پارواڻيءَ جي گهر، پيرونمل، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. گريجوئيشن 1960ع ۾ شاھہ لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان ۽ ايل. ايل. بي، 1962ع ۾ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ سانگهڙ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. هي 1988ع، 1990ع ۽ 1993ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم. اين. اي چونڊيو. 1992ع ۾ بلخ شير مزاريءَ جي نگران حڪومت ۾ اقليتي معاملن جو وزير بہ ٿيو. 1997ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 2002ع ۽ 2008ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ٽڪيٽ تي عمرڪوٽ جي تڪ اين. اي 228 تان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو پر ٻئي ڀيرا هارائي ويو. 2013ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ق) پاران مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن، منسٽري آف پراڊڪشن ۽ انڊسٽريز کان سواءِ اقليتي معاملن جي ڪاميٽين جو ميمبر رهيو. ڪشنچند پارواڻي ميرپورخاص هندو پنچات ۽ لوئر سنڌ هندو پنچائت جو 1981ع کان ڪيترا سال صدر رهيو آهي. 1986ع کان سماجي ۽ پئنچائتي ڪمن ۾ سرگرم رهندو پيو اچي.
1939.07.17 عيسوي
سياستدان ڪشنچند پارواڻي 17 جولاءِ 1939ع تي ڪندو مل پارواڻيءَ جي گهر، پيرونمل، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.