
ڪشور لالواڻي
ڪشور لالواڻي: اداڪار ڪشور لالواڻيءَ جو جنم 15 جون 1957ع تي مھاراشٽر جي ناگپور شھر ۾ ٿيو. 1974ع ۾ هن اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي. هن کي ننڍپڻ کان ڪتابن جي مطالعي سان لڳاءُ، ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. 1977ع ۾ بئنڪ آف بڙودا ۾ ملازمت دؤران، مختلف شھرن جي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيائين. هن ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ناٽڪ ترجمو بہ ڪيا آهن. اصلوڪا ناٽڪ پڻ لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جهولي لعل تون دياڪر‘ (ناٽڪ: 2003ع)، ’سڄڻ دير ڪئي ايندي ايندي‘ (ناٽڪ: 2004ع)، جلويدار سنڌي‘ (ناٽڪ: 2013ع)، ’هليون مايون بيمار پڇڻ‘ (ناٽڪ: 2014ع)، ’بند لفافو‘ (ترجمو ڪيل ڪھاڻيون 2016ع)، ’ها مان ڳوٺاڻو آهيان‘ (ناٽڪ: 2017ع)، ’هوجمالو- سنڌ جو سفر‘ (سنڌ جي ياترا جو احوال: 2019ع)، ’اسان وڏن جو ڪم آهي صلاح ڏيڻ‘ (ناٽڪ: 2019ع)، ’سچتر جيون گاٿائين‘ (هندي خاڪا: 2020ع)، ’اڀي تو دل جوان هئي‘ (هندي، ناٽڪ: 2020ع)، ’سنڌڙيءَ جو سرتاج ڪنور‘ (ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ تي آڌاريل ناٽڪ: 2020ع) ۽ ’اچو تہ ڏڻ وار ملھايون‘ (ناٽڪ: 2020ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن ڪوشليا آهوجا جي ڪھاڻين جو مجموعو ’زندگيءَ جي هن موڙ تي‘ ديوناگريءَ ۾ اُلٿو ڪيو آهي. سندس مشھور فلمن ۾: ’وائيسر ئي گم‘ (2009ع)، ’ٽپڙ ٽيشن تي‘ (2010ع)، ’تنھنجي پيار ۾‘ (2019ع)، ’لکي منھنجو لکن ۾‘ (2019ع) شامل آهن. ناٽڪ جي حوالي سان، سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن. ڪشور ڪيترين ئي ادبي، سماجي، ثقافتي تنظيمن جو ميمبر پڻ آهي.
1957.06.15 عيسوي
اداڪار ڪشور لالواڻيءَ جو جنم 15 جون 1957ع تي مھاراشٽر جي ناگپور شھر ۾ ٿيو.