
ڪلال
ڪلال:ڪلال سندس اصل نالو لکاڏنو خاصخيلي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪلال جي نالي سان مشھور ٿيو. 9 سيپٽمبر 1948ع تي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ، تعلقي هالا (مٽياري) ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان پوءِ، تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪيائين. هن ايس بڪ'>پرل ايس بڪ جي ناول Good Earth جو ’ڀلاري ڀونءِ‘ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌالاجي طرفان ڇپيو. ان کان سواءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’پاڇا منھنجي پاند ۾‘ 1998ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙي طرفان شايع ٿيو. ايڊورڊ سعيد، جو ڪتاب ’دانشور‘ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايائين. ان کان سواءِ محمود درويش ۽ ٻين جا ڪتاب بہ هن ترجمو ڪيا آهن. آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو ۽ 6 مھينن تائين حيدرآباد جي جيل ۾ رهيو. هن ڪيترو وقت وڪالت بہ ڪئي. 19 آگسٽ 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.
1948.09.09 عيسوي
ڪلال سندس اصل نالو لکاڏنو خاصخيلي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪلال جي نالي سان مشھور ٿيو. 9 سيپٽمبر 1948ع تي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ، تعلقي هالا (مٽياري) ۾ پيدا ٿيو.