ڪلال ذات

ڪلال (ذات): ڪلال هندن توڙي مسلمانن جي هڪ ذات آهي. ڪلال سنسڪرت جي لفظ ’ڪليد‘ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ شراب آهي، هن ذات وارن تي شراب ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ سبب اهو نالو پيو. ڪلال اصل هندو راجپوت آهن، جن مان پوءِ ڪيترائي مسلمان ٿيا ۽ ڪجهہ سک بہ آهن. هنن جو اصل وطن مارواڙ ۽ راجپوتانا آهي، جتي هنن جا 52 پاڙا ملن ٿا. سنڌ ۾ بہ هنن جا ڪجهہ گهراڻا موجود آهن. عمرڪوٽ شھر ۾ هنن جو ’ڪلال پاڙو‘ آهي. لاڙڪاڻي ۽ قنبر ۾ هندو توڙي مسلمان ڪلالن جا ڪجهہ گهر آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو