ڪلانڪر

ڪلانڪر (ڍنڍ): هيءَ ڍنڍ ڍورو ناري شھر کان 7 ڪلوميٽر ۽ عمرڪوٽ کان 32 ڪلو ميٽر اتر اولھه طرف تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جي سلسلي ۾ ’بقار‘ ڍنڍ کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي ڍنڍ آهي. ڪلانڪر ڍنڍ اتر نارا ڪئنال جي ڇنڊڻ مان ڀربي هئي. اڳ ۾ هن جي ايراضي سوين ايڪڙن تي مشتمل هئي ۽ واري جي دڙي جي هنج ۾ هم چورس 12 ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل هئي. پر هن وقت اها سڪڙجي ننڍي ٿي وئي آهي. هتي مڇي بہ گهڻي هوندي هئي، جنھن ڪري ڍنڍ واپاري مرڪز هئي. هتي جي مڇي راجا جي ريل واسيلي هندستان تائين بہ موڪلي ويندي هئي. ملاحن جا ڪيترائي گهر رهندا هئا، جيڪي ڍنڍ ۾ پاڻي نہ پھچڻ سبب لڏي ويا آهن. هاڻي غلام نبي شاھہ ۽ ڍورو نارو جي پاسي کان نارا ڪئنال جي ڇنڊڻ بيراجي علائقن مان ٿيندي، ڪلانڪر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. 2022ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران سياحن جي سھولت ۽ ڍنڍ جي خوبصورتي لاءِ، هتي ٻہ ڪمرا ۽ پڪنڪ پوائنٽ پڻ ٺھرائي آهي، جتي تفريح لاءِ هڪ ٻيڙي پڻ موجود رهندي آهي.


لفظ ڪلانڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو