ڪلان ڪوٽ

ڪلان ڪوٽ: ڪلان ڪوٽ، مڪلي ٽڪريءَ جي اوڀر واري ڪنڊ تي آهي. سمنڊ جي مٿاڇري کان هن ڪوٽ جي بلندي 30 فوٽن کان وٺي 50 فوٽن تائين آهي. ڪلان ڪوٽ جي شڪل بي ترتيب آهي. ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي درياھہ جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار ملن ٿا. ان جي ڏکڻ ۾ بگهياڙ واھہ جي وهڪري جا نشان ملن ٿا. ڪوٽ جي اوڀر- ڏکڻ ۾ سنڌو ندي موجود آهي. ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ڪلان ڪوٽ ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي بناوت ٽڪريءَ جي شڪل مطابق هئڻ ڪري اُن جي ڪا بہ اوائلي ڊزائين ٺھيل نہ آهي، اُن ڪري هي دفاعي ڪوٽ لڳي ٿو. ان کان سواءِ ٻاهرين ديوار جي بناوت ۽ برجن جو تعداد بہ بچاءَ بنديءَ جو سٺو مثال آهن. ڪلان ڪوٽ شروعات ۾ دفاعي قلعو هو، پر پوءِ ان ۾ ضرورت سمجهي رهائشي جايون جوڙيون ويون. ڪوٽ ڊيگهہ ۾ وچان اتر کان ڏکڻ 2258 فوٽن تائين هليو ٿو وڃي. ان جي ويڪر اولھه کان اوڀر ڪوٽ جي ڏکڻ واري پاسي تي وڌ ۾ وڌ 1686 فوٽ ٿيندي ۽ اتريون پاسو ويڪر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 557 فوٽ هئڻ ڪري اتي هڪ ٻئي پٺيان ٻہ دفاعي ديوارون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ برجن جو تعداد بہ وڌايو ويو آهي. ڪوٽ جي ٻاهرين پاسن وارين ديوارن جي ڪل ڊيگهہ 8416 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ڏاکڻي پاسي تي اگهور ڍنڍ آهي. ڪوٽ کي هڪ شاهي دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنھن جي ٻنهي پاسن کان ٻہ حفاظتي برج آهن، ٻيو دروازو اوڀر طرف ورن وراڪن واري ڀت ۾ نظر اچي ٿو. رچرڊ برٽن هن ڪوٽ جي برجن جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”هي ڪوٽ بارود جي دور کان اڳ جو لڳي ٿو، مٽيءَ جا گول برج چوڌاري بٺي جي پڪين سرن سان ٻڌل آهن. برج، ڪوٽ جي ڀت کان ٻاهر نڪتل آهن ۽ برج هڪٻئي کان تير اڇلڻ جيتري پنڌ تي آهن.“ ڪلان ڪوٽ کي اٽڪل 58 برج آهن. هر برج جو قطر 20 فوٽ آهي. هڪ برج کان ٻئي برج تائين گهٽ ۾ گهٽ مفاصلو 100 فوٽ آهي. ڪوٽ جي برجن ۽ ڀتين جي بنيادن ۾ پھريائين اڻ گهڙيل پٿر وڌا ويا آهن. اُن مٿان ڪجهہ بار سرن جا ۽ چيڪي مٽي رکي اُن تي سرن جا پشتا هڻي ڍڪيو ويو آهي. ڪوٽ اندر ڪيترين اڏاوتن جا آثار مليا آهن، جن مان ڪيترائي طبقن وارين ماڙين جا لڳن ٿا. ڪوٽ ۾ اندر ڪيترائي تلاءَ آهن، جن مان هڪ وڏو تلاءُ مسجد ڀرسان آهي. ڪوٽ اندر هڪ مسجد جا آثار واضح بيٺا آهن ۽ مسجد سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي.
هيءُ ماڳ اصل ۾ هندو دور جو قديم شھر ۽ قلعو هو، جنھن کي پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف حڪمران سڌاريندا ۽ سنواريندا رهيا. هاڻي اڍائي سؤ سالن کان زبون ٿيندي دڙن جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ’تحفة الڪرام‘ جي روايت آهي تہ اهو شھر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو ۽ ان وقت شھر جو نالو ڪلاڪوٽ هو. روايت آهي تہ جڏهن سومرن جو شھر ’محمد طور‘ تباھہ ٿيو، تڏهن ڪجهہ وقت لاءِ سومرن بہ ان شھر کي آباد ڪيو ۽ پنھنجو تخت گاھہ بڻايو. سمن جي دؤر ۾ ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي نئين سر آباد ڪيو، جنھن ڪري نالو بدلجي ’تغلق آباد‘ ٿيس. مغل دؤر جي هڪ امير طغرل بيگ بہ هن شھر جي مرمت ڪرائي. جنھن ڪري مٿس ’طغرل آباد‘ نالو بہ پيو. ڪلاڪوٽ واري نالي جو بگاڙ مسلمانن جي زماني ۾ ’ڪلاف ڪوٽ‘ ٿيو. سترهين صدي عيسوي جي پڇاڙي تائين اهو قلعو ۽ شھر جون جايون سلامت هيون. مرزا قليچ بيگ مطابق ان شھر کي ’ڪلياڻ ڪوٽ‘ يعني آرام گاھہ سڏيندا هئا. اهو ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو ئي قديم آهي ۽ سڪندر اعظم جي دؤر ۾ موجود هو. مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ هڪ روايت ڏني آهي، جنھن موجب مرزا شاھہ حسن 928هجري (1521ع) ۾ تخت نشينيءَ کان پوءِ ڄام فيروز کي شڪست ڏيڻ بعد ڪلان ڪوٽ/تغلق آباد ۾ اچي آباد ٿيو. ٻئي حوالي موجب سن 998ھہ (1589ع) کان پوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو شھر خالي ڪري پنھنجي ڪٽنب سان اچي هن ڪوٽ ۾ رهيو. 1099هجري (1687ع) ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو تہ ٿورو عرصو تغلق آباد يا طغرل آباد (ڪلان ڪوٽ) ۾ رهيو. هن پاڻ سان راجپوت آبادي وڏي تعداد ۾ آندي هئي. ڇاڪاڻ تہ هو نو مسلم هئڻ سبب سخت گير نہ هو، ان ڪري ٺٽي جي عالمن هن کي برداشت نہ ڪيو ۽ کيس ٻن سالن کانپوءِ 1689ع ۾ معزول ڪرايو تہ هندستان موٽڻ کان اڳ بہ ڪجهه وقت هن ڪوٽ ۾ رهيو ۽ ڪجهه قدر قلعي توڙي جاين جي مرمت پڻ ڪرائي هئائين.


لفظ ڪلان ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو