ڪلاچيءَ جو ڪن

ڪلاچيءَ جو ڪُن: بابا ٻيٽ کان ماڙيپور تائين جيڪا کاري آهي، تنھن کي اڄ تائين ’نئي نار‘ سڏيندا آهن. سن 1902ع واري وڌي طوفان سبب نئي نار جو پاڻي ماڙيپور ۾ اُٿلي آيو هو. انهيءَ نئي نار کاريءَ ۾ هڪ وڏو قديم ڪُن هو، جنھن کي ’ڪلاچيءَ جو ڪُن‘ ڪري سڏيندا هئا، جنھن جو نالو شاھہ لطيف سُر گهاتوءَ ۾ ڪتب آندو آهي.
اهڙي خاصي کير، ڪُن ورائي جهلي.
شاھہ سائينءَ جا ڪيترائي بيت مورڙي بابت آهن. مورڙو هڪ مھاڻو هو. هن جي ڏينھن ۾ ڪلاچي ڪُن ۾ هڪ وڏو مانگر مڇ رهندو هو، جيڪو هتي انساني جانين جو نقصان ڪندو رهندو هو. هڪ ڀيري سندس ڇھه ڀائر هن طرف ويا تہ مانگر مڇ سندس ڇھه ئي ڀائر کائي پورا ڪري ڇڏيا. مورڙي جي قصي ۾ ڄاڻايل آهي تہ هو دلوراءِ وٽ نوڪر هو ۽ هن دلوراءِ کان ڪي هٿيار وٺي ڪن ۾ وڃي، اهو مانگر مڇ ماريو هو. دلوراءِ جي صاحبيءَ کي اڄ اٺ صديون گذري چڪيون آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ ’ڪلاچي‘ نالو گهڻو آڳاٽو آهي. مورڙي جو مقام ڪراچيءَ جي هاڻوڪي مساڻي طرف شير شاھہ وٽ آهي، جتان حب نديءَ ڏي وڃڻ لاءِ پڪو رستو وڃي ٿو.
هڪ روايت مطابق ’ڪلاچي‘ هڪ مھاڻي هئي ۽ هن جا مٽ مائٽ توڙي ٻيا ذات ڀائي جيڪو ڳوٺڙو ٻڌي ويٺا، سو ’ڪلاچيءَ جو ڳوٺ‘ سڏيو ويو ۽ نئي نار کاري وارو ڪن بہ سندس نالي پٺيان ’ڪلاچيءَ جو ڪن‘ سڏبو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو