ڪلاڌر مُتو

ڪلاڌر مُتو

ڪلاڌر متو

ڪلاڌر مُتوا: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪلاڌر متوا پھرين جون 1967ع تي، ڳوٺ پناهواري، تعلقي ڀڄ، ضلعي ڪڇ (ڀارت) ۾ ڄائو. هن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس ڪھاڻيون، ناول، تحقيق ۽ ترجمن جا 24 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ’موتيءَ داڻا‘ (ڪھاڻيون: 1999ع)، ’گيت مـُتون جا‘ (لوڪ ادب: 1999ع)، ’لوڻ جو قرض‘ (ڪھاڻيون: 2003ع)، ’ رڻ جا رنگ‘ (ناول: 2006ع)، ’ٿڳڙ‘ (ڪھاڻيون: 2012ع)، ’ڳجهارتون‘ (لوڪ ادب: 2012ع)، ’گيت سمن جا‘ (لوڪ ادب: اڻڇپيل)، ’ڪڇ ۾ سنڌيت‘ (مضمون 2018ع) وغيرہ اهم آهن. ترجمو ڪيل ڪتابن ۾: ’گهاٽ ٿو گهوگهاٽ ڪري‘، (شيخ اياز جي ڪتاب ’پور ڪري'>پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو ڪڇيءَ ۾ ترجمو،) ’اڻ کُٽ پيالو‘ (بندو ڀٽ جي لکيل گجراتي ناول ’اکيپاتر‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو)، ’گلستان غليظ هو رها هي‘ (گوبند خوشحالاڻيءَ جي سنڌي ناول ’گلستان غليظ ٿي رهيو آهي‘ جو اردو ترجمو)، ’بلندي ڪي طرف‘ (رام بخشاڻيءَ جي آتم ڪٿاآکيرا آڪاس ۾‘ جو اردرو ترجمو)، ’جيون جي مڌوپن‘ (وليرام ڪشناڻيءَ جي ڪھاڻين جي مجموعي ’جيون آهي مڌوپن‘ جو گجراتيءَ ۾ ترجمو)، ’ڪڇي سنڌي پاٺاولي‘ (ڪڇي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ’ڪڇي پاٺاولي‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو) ۽ شاھہ ڀٽائيءَ جي ڏهن سُرن جو گجراتيءَ ۾ ترجمو شامل آهن. ان کانسواءِ ڪيترن ئي تحقيقي ادارن لاءِ پڻ ڪم ڪندو رهي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي مختلف ڪاميٽين جو ميمبر بہ آهي. ڪلاڌر جي دلچسپيءَ جو مکيہ موضوع لوڪ ادب رهيو آهي ۽ هن لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم بہ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.06.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪلاڌر متوا پھرين جون 1967ع تي، ڳوٺ پناهواري، تعلقي ڀڄ، ضلعي ڪڇ (ڀارت) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم پير عبدالحليم ثاني
الھبچايو ميمڻ
ديارام ساهني
رالف للي ٽرنر سر
آچر پاڪستاني
جھان آرا بيگم
ضياءَ الدين احمد عباسي
الھڏنو خاصخيلي فقير
بنگل چانڊيو
الھرکيو ٻٽ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون