
ڪلا پرڪاش
ڪلا پرڪاش (ناول نگار): ڪلا پرڪاش 2 جنوري 1934ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پارومل چانڊواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڪٽنب جو تعلق خانواهڻ ضلعي نوابشاھہ سان هو. ابتدائي تعليم هرديوي گرلس اسڪول ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪئي. جنھن کان پوءِ سندس خاندان ورهاڱي سبب هندستان لڏي ويو. جتي هن ميٽرڪ ڪي. جي کلناڻي اسڪول مان، ايم. اي سنڌي ادب ۾ جئہ هند ڪاليج بمبئي مان ۽ ڊي. ايڇ. اي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.ڪلا پرڪاش 1954ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب موتي پرڪاش سان شادي ڪئي، سندس پٽ شريڪانت صدف سنڌيءَ جو جديد شاعر آهي.
هن لکڻ جي شروعات 50ع واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ شروعاتي دور ۾ ڪھاڻيون لکي ادب ۾ پير پاتو، پر پوءِ هي ناول بہ لکڻ لڳي. هن وقت تائين سندس ڪھاڻيون، ناول، شاعري، سفرنامن ۽ مضمونن جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڏوهي بيڏوهي‘ (ڪھاڻيون: 1953ع)، ’هڪ دل هزار ارمان‘ (ناول: 1957ع)، ’ممتا جون لھرون‘ (نثري نظم: 1963ع)، ’شيشي جي دل‘ (ناول: 1970ع)، ’هڪ سپنو سُکن جو‘ (ناول: 1971ع) ’مُرڪ ۽ ممتا‘ (ڪھاڻيون: 1973ع)، ’حياتي هوتن ريءَ‘ (ناول: 1980ع)، ’هينئڙي منجهہ هُرن‘ (سفرنامو: سنڌ ۾ ڇپيل 1987ع)، ’وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون‘ (ناول: 1988ع)، ’آرسيءَ آڏو‘ (ناول: 1992ع)، ’وارن ۾ گُل‘ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ’پيار‘ (1997ع)، ’پکن جي پريت‘ (1998ع)، ’ممتا جون لھرون‘ (حصو ٻيو-نثري نظم: 2006ع)، ’سمنڊ ۽ ڪنارو‘ (ناول: 2006ع)، ’انتظار‘ (ڪھاڻيون: 2007ع)، ’اوکا پنڌ پيار جا‘ (ناول: سنڌ ۾ ڇپيل 2010ع) شامل آهن.
ڪلا پرڪاش مختلف عھدن تي رهي. هوءَ 1954ع کان 1971ع تائين ڀارت سرڪار جي مرڪزي کاتي ۾ آڊيٽر رهي، ان کان پوءِ آر. ڪي تلريجا ڪاليج اُلھاس نگر، مھاراشٽر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر ۽ 1980ع کان 1983ع تائين دبئي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس پڻ رهي چُڪي آهي. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. ڪلا پرڪاش 5 آگسٽ 2018ع تي ديھانت ڪيو.
1934.01.02 عيسوي
ڪلا پرڪاش 2 جنوري 1934ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پارومل چانڊواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
2018.08.05 عيسوي
ڪلا پرڪاش 5 آگسٽ 2018ع تي ديھانت ڪيو.