ڪلثوم اختر چانڊيو

ڪلثوم اختر چانڊيو

ڪلثوم اختر چانڊيو

ڪلثوم اختر چانڊيو : ڪلثوم اختر چانڊيو جو شمار دادو ضلعي جي سرگرم سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. هن 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ گل محمد چانڊيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان اقتصاديات جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي اٿس. وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهي آهي. سندس والد مرحوم الھہ بخش چانڊيو پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ڪارڪنن مان هو. ڪلثوم اختر سياسي زندگيءَ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. نائين درجي ۾ پڙهندي هئي تہ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي گرلس ونگ ۾ شامل ٿي. ضياء الحق جي مارشل لا دوران ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ عورتن ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ بابت اتساھہ پيدا ڪيائين. 1986ع ۾ احتجاج دوران رينجرز جي فائرنگ ۾ شديد زخمي ٿي پئي، ان هوندي بہ اڄ تائين پارٽيءَ سان وفاداريون نڀائيندي اچي. 18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن لاءِ شھيد بينظير ڀٽو کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو. جنهن بعد چونڊن ۾ ايم.پي. اي چونڊجي آئي. ان دوران هن پنھنجي ڪوٽا تحت علائقي ۾ ترقياتي ۽ فلاحي ڪم ڪرايا آهن. هن وقت شھيد محترمہ سان گذاريل سياسي ويجهڙائپ وارين يادگيرين کي محفوظ ڪري رهي آهي. سندس شادي پير نياز محمد شاھہ سان ٿي. پ پ ليڊيز ونگ، ضلعي دادوءَ جي صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.10  عيسوي

ڪلثوم اختر چانڊيو 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ گل محمد چانڊيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2008.02.18  عيسوي

18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو. جنهن بعد چونڊن ۾ ايم.پي. اي چونڊجي آئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪلياڻ آڏواڻي
عمران بن موسيٰ برمڪي
جابر بن افلح
ڊاڪٽر ڊرئگو
حُرمت شيدڻ
اسماعيل شاھہ بخاري
استاد مجاهد چانڊيو
شفيع محمد ميان حڪيم
بھاول خان عباسي4
جون آف آرڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون