ڪلجي سوڍو

ڪلجي سوڍو (مزاحمتي ڪردار): ڪارونجهر ۾ انگريزن سان مزاحمتي تحريڪ جو اهم ڪردار ڪلجي سوڍو، سنڌ جي بھادر ۽ امر ڪردارن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. انگريزن خلاف سوڍن ۽ ڪولهين جي ويڙھہ ۾ ڪلجي مکيہ ڪردار ادا ڪيو. سندس والد نارائڻ سنگهہ کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. ڪلجي ساٿي ساڻ ڪري رات جي وڳڙي ۾ جيل جي لوڙهي تي رليون رکي، جيل ٽوڙي پنھنجي والد سميت سمورن سوڍن کي آزاد ڪرايو. لاڌو سنگهہ ۽ اڌيسنگهہ جي گرفتاريءَ کان پوءِ ڪلجي سوڍو چئن سالن تائين ڪارونجهر جبل ۾ پناھہ وٺي وقت بہ وقت انگريزن تي حملا ڪندو رهيو. انگريزن سندس گرفتاريءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون، پر هو هوشياريءَ سان سموريون سازشون ناڪام بڻائي، سرڪاري عملدارن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندو رهيو. انگريزن خلاف سوڍن، ڪولهين ۽ ٻين ذاتين کي جنگ جوٽڻ لاءِ ڀڙڪائي هن انگريزن جون مَتيون مُنجهائي ڇڏيون. هن ڪارونجهر جبل جي اڳيان بيھي واعدو ڪيو تہ ’مرندس تڏهن ئي جبل ڇڏيندس‘ نيٺ انگريزن سان هڪ معرڪي ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ اتي ئي پنھنجا پساھہ پورا ڪيائين.


لفظ ڪلجي سوڍوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو