ڪلري (پَٽ): هي لياريءَ جي پراڻي آبادي آهي. هي علائقو لياري نئن جي ڇوڙ کان ساڄي هٿ تي مڇي مياڻ تائين ۽ ٻئي پاسي سرڪلر ريلوي لائين سان لڳي ٿو. ان کان اڳيان سمنڊ لڳ ڪياماڙيءَ تائين لياريءَ جو حصو آهي. لياري نديءَ جي پراڻي ڇاڙ ڪلريءَ واري علائقي مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪلراٺي زمين هئڻ ڪري، هن کي ڪلري چيو ويو. ڪلريءَ جي هڪ حصي کي هاڻي علي محمد محلو بہ چون ٿا.ڪلريءَ جي وستيءَ کي آباد ڪرڻ وارو محمد دوست هو، جيڪو پنھنجي ڪٽنب سميت ڪولانچ کان لڏي هتي آيو تہ هن وسنديءَ ترقي ڪئي. هتي ماهيگير رهندا هئا ۽ محمد دوست جو ڪٽنب بہ بلوچستان جي سامونڊي علائقي تي انهيءَ ڌنڌي سان واڳيل هو ۽ هتي اچي بہ انهن ساڳيو ڌنڌو اختيارڪيو. تہ نيو ڪلري بہ آباد ٿيو