ڪلريو

ڪلريو (لوڪ گيت): هي لوڪ گيت ٿر ۾ رائج آهي. هن لوڪ گيت ۾ ٿري عورت جو درد شامل آهي. ڏک ۽ درد وارو هيءُ گيت اهي پرڻايل ناريون ڳائينديون آهن، جن کي ڳوٺ کان پري پرڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي پنھنجي ساهرن ۾ خوش ناهن هونديون. گيت جا ڪجهہ ٻول هن ريت آهن:
ماتاڙي منان ڪاهين، ڪلرئي ۾ رولي ري،
بيرو منان تيڙو مھلي ري...
ترجمو: اي منھنجي جيجل ماءُ! مون کي ڇو ڪلر واري مٽيءَ ۾ روليو آهي، منھنجي ڀاءُ کي مون ڏانھن وٺڻ لاءِ موڪلجان
ماتاڙي تانھنجي هُون ننڍڪي لاڏلي هوتي ري،
وسري نا تانھنجي لولي ري...
ترجمو: اي منھنجي جيجل امان! آءٌ ننڍڙي لاڪون تنھنجي لاڏلي هئس، مون کي اڃا تنھنجي ڏنل لولي نہ وسري آهي.
هن لوڪ گيت ۾ ڪيترا ئي بند آهن. هي لوڪ گيت مختلف علائقن ۾ ٿوريءَ گهڻيءَ ڦيرڦار سان ڳايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو